ملٽري پوليس تي حملي کانپوءِ ڪراچي آپريشن وڌيڪ تيز ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد (بيورو) وفاقي حڪومت ايم ڪيو ايم اڳواڻ ڊاڪٽر عمران فاروق جي قتل ڪيس جي ايف آءِ آر پاڪستان ۾ داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو، چوڌري نثار چيو آهي ته عمران فاروق قتل ڪيس هاءِ پروفائيل ڪيس آهي، ڪراچي آپريشن کي وڌيڪ تيز ڪيو ويندو.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو ته هو ڪراچي ۾ دهشتگردي جي واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو، ڪراچي آپريشن ۾ ڪابه گهٽتائي نه ايندي، اهڙن واقعن سان آپريشن ۾ وڌيڪ تيزي ايندي..چوڌري نثار چيو ته ملڪ جي هر حصي ۾ دهشتگردن جو مقابلو ڪيو ويندو، دهشتگرد ملڪ جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ هجن، انهنکي منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو…. وفاقي گهرو وزير چيو ته ملڪ ۾ پهريون ڀيرو عالمي اين جي اوز کي قانون جي دائري ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، 129 اين جي اوز باقاعده رجسٽريشن لاءِ درخواست ڏني آهي، رجسٽريشن جي تاريخ ۾ هڪ مهيني جي واڌ ڪئي وئي آهي….. چوڌري نثار علي چيو ته ڊاڪٽر عمران فاروق جي قتل ڪيس جي ايف آءِ آر پاڪستان ۾ داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ڊاڪٽر عمران فاروق قتل ڪيس هاءِ پروفائيل ڪيس آهي،.وفاقي گهرو وزير چيو ته ڊاڪٽر عمران فاروق قتل ڪيس جي اسڪاٽ لينڊ يارڊ سان گڏ پاڪستاني اداره به جاچ ڪري رهيا آهن،جوابدارن کي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ حڪومت ڪردار ادا ڪندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *