ملٽري پوليس تي حملي جو مقصد آپريشن ضرب عضب کي ڪمزور ڪرڻ آهي: آرمي چيف

راولپنڊي(بيورو) چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف ڳجهين ايجنسين کي هدايت ڪئي آهي ته ملٽري پوليس تي حملو ڪندڙن کي جيترو تڪڙو ٿي سگهي گرفتار ڪيو وڃي. آرمي چيف  حملي ۾ شهيد ٿيندڙ ملٽري پوليساهلڪارن  کي عقيدت جي ڀيٽا ڏني. آئي ايس پي آر پاران جاري هڪ بيان ۾ آرمي چيف چيو آهي ته ملٽري پوليس تي حملي جو مقصد آپريشن ضرب عضب کي ڪمزور ڪرڻ آهي پر دهشتگردن جي بزدلاڻا ڪاررواين سان قومي ارادو ڪمزور نٿو ٿي سگهي.سندس چوڻ هو ته پاڪ وطن جي ڌرتي تان هر قسم جي دهشتگردي ختم ڪرڻ لاءِ پاڪ فوج جا ارادا مضبوط آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *