ملير : ۾ پوليس ۽ دهشتگردن وچ ۾ مقابلو، پابندي مڙهيل تنظيم جي ڪمانڊر سميت 7 دهشتگرد مارجي ويا

ملير(ڊ ر) ملير جي علائقي شير پائو ڪالوني ۾ پوليس ۽ دهشتگردن ۾ مقابلو، پابندي مڙهيل تنظيم جي ڪمانڊر سميت 7 دهشتگرد مارجي ويا. دهشتگردن وٽان وڏي تعداد ۾ هٿيار، دستي بم، ۽ دهشتگردي ۾ استعمال ٿيندڙ مادو هٿ. مارجي ويل دهشتگردن مان ٽن جي سڃاڻپ مسباح، ڪمال عرف ڪٽي ۽ شاه فيصل طور ٿي، جڏهن ته چئن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي. مارجي ويل دهشتگرد ڪراچي ۾ پوليس ۽ رينجرز تي حملن سميت عام شهرين تي قتل، ڦر، ڌاڙا، اغوا ۾ ملوث هئا. ايس ايس پي ملير رائو انوار. خبر موجب ملير جي علائقي قائد آباد ٿاڻي جي حد شير پائو ڪالوني جي سواتي محلي ۾ دهشتگردن جي اطلاع تي ملير ضلعي جي سمورن ٿاڻن جي پوليس، ايس ايس پي ملير، رائو انوار جي اڳواڻي ۾ ٽارگيٽيڊ آپريشن ڪيو ته پوليس ۽ دهشتگردن ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي. جنهن ۾ 7 دهشتگرد مارجي ويا. ايس ايس پي ملير رائو انوار صحافين کي ٻڌايو ته دهشتگردن جي اطلاع تي سواتي محلي ۾ هڪ گهر تي ڇاپو هنيو ته دهشتگردن پوليس کي ڏسي فائرنگ ڪئي. پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ 7 دهشتگرد مارجي ويا آهن. جن وٽان وڏي تعداد ۾ هٿيار، گولا بارود، دستي بم ۽ دهشتگردي ۾ استعمال ٿيندڙ مادو هٿ ڪيو ويو آهي. هن چيو ته مارجي ويل دهشتگردن جو تعلق پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان سان آهي، مارجي ويل دهشتگردن ۾ مسباح، ڪمال عرف ڪٽي ۽ شاهه فيصل شامل آهن. جڏهن ته چئن دهشتگردن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي. ايس ايس پي ملير رائو انوار موجب مارجي ويل دهشتگرد مسباح تحريڪ طالبان ڪراچي جو ڪمانڊر هو. هن وڌيڪ چيو ته مارجي ويل دهشتگرد ڪراچي ۾ پوليس، رينجرز ۽ عام شهرين تي حملن ۾ ملوث هئا. جڏهن ته ٽارگيٽ ڪلنگ، ڦر ڌاڙا ۽ اغوا جي وارداتن ۾ پڻ ملوث هئا. ايس ايس پي ملير رائو انوار وڌيڪ چيو ته ملير ضلعي کي دهشتگردن کان پاڪ بنائڻ جو عزم ڪيو آهي، جيستائين هڪ به دهشتگرد موجود آهي آپريشن جاري رهندو. دهشتگردن جي خاتمي تائين ڪاروائيون جاري رهنديون. هن چيو ته آپريشن جي رد عمل سبب پوليس تي حملا ٿي رهيا آهن. پر پوليس جي جوانن جا حوصلا بلند آهن. دهشتگردن جي بزدلاڻين ڪاروائين کان ڊڄڻ وارا نه آهيون. سندن پاڙ پٽي دم پٽينداسين. ٻئي طرف مارجي ويل دهشتگردن جا لاش قائد آباد ٿاڻي تي آندا ويا، جتان ضروري ڪاروائي بعد لاش جناح اسپتال اماڻيا ويا. جتي پوسٽ مارٽم بعد لاش سرد خاني ۾ رکيا ويا آهن. جڏهن ته رات دير سان پوليس جي مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *