ملير ڀرسان خوفناڪ روڊ حادثي جي 27 فوتين جا سڃاڻپ ٽوڪن جاري، 7 فوتين جي وارثن مڙهه وصول ڪري ورتا

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ملير ڀرسان 3 هفتا اڳ پيش آيل خوفناڪ روڊ حادثي ۾ سڙي فوت ٿيل 63 ڄڻن مان وارثن جي ڊي اين اي ٽيسٽ ذريعي 27 فوتين جا سڃاڻپ ٽوڪن جاري ڪيا ويا، جن مان 7 فوتين جي وارثن مڙهه وصول ڪري ورتا، واقعي جي جاچ آفيسر چيو آهي ته سڃاڻپ ٽوڪن رکندڙ وارث ڪراچي پهچي پيارن جا مڙهه وصول ڪن. ٽي هفتا اڳ ملير ڀرسان آئل ٽينڪر ۽ بس وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 63 ڄڻا فوت ٿيا هئا، جن مان 25 ڄڻن جي ڊي اين اي ٽيشت ذريعي سڃاڻپ ٿي وئي آهي. واقعي جي جاچ آفيسر چيو آهي ته سڃاڻپ ٿيل لاش جا واڙن کي اطلاع ڏنا وي آهن، جيڪي سهراب ڳوٺ ۾ ايڌي سرد خاني پهچي پنهنجي پيارن جا لاش وصول ڪن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *