ملير جيل مان 172 ڀارتي مهاڻا آزاد، اڄ ڀارتي اختيارين حوالي ڪيو ويندو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي ملير جيل مان 172 ڀارتي مهاڻن کي آزاد ڪيو ويو مهاڻن کي اڄ واهگا بارڊر تي ڀارتي اختيارين حوالي  ڪيو ويندو پاڪستاني حڪومت خير سگالي جي جذبي تحت ڀارتي مهاڻن کي آزاد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو جنهن تحت ملير ڊسٽرڪٽ جيل مان مهاڻن کي آزاد ڪيو ويو فشر فوڪ فورم طرفان آزادي حاصل ڪندڙ مهاڻن کي اجرڪ جا تحفا پيش ڪيا ويا مهاڻن کي ٽرين ذريعي لاهور روانو ڪيو ويو جتي انهن کي اڄ واهگا بارڊر تي ڀارتي اختيارين حوالي ڪيو ويندو ڀارتي مهاڻن کي پاڪستاني سامونڊي حدن جي ڀڃڪڙي تي گرفتار ڪيو ويو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *