ملتان ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 2 ٻارڙن سميت 3 ڄڻا فوت

ملتان (م.ڊ) ملتان ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 2 ٻارڙن سميت 3 ڄڻا فوت ٿي ويا ملتان جي علائق بلال نگر ويجهو گهر جي ڇت ڪري پئي جنهن جي ڍانچي هيٺان دبجھي 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي زخمي حالت ۾ نشتر اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي 2 ٻارڙن سميت 3 ڄڻا زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويا، فوت ٿيندڙن۾ 19 سالا ريحان، 3 مهينن جي ٻارڙي زينب ۽ 8 مهينن جو ٻارڙو احمد شامل آهن ريسڪيو ذريعن مطابق گهر جي ڇت ڪمزور هئڻ سبب ڪري پوليس واقعي جي حوالي سان قانوني ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *