ملتان ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو اُهو نواز-زرداري لاءِ وڏو سبق آهي: عمران خان

سرگوڌا (مانيٽرنگ ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته نواز شريف ۽ زرداري ٻئي گڏجي ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي رهيا آهن انهن ٻنهي پنهنجن حڪومتي دورن ۾ اربين روپيا ڪرپشن ذريعي گڏ ڪيا ۽ هاڻ ان مان جاوا ڪري رهيا آهن عمران خان چيو ته نواز شريف جي دور ۾ بجلي جو اگهه 80 سيڪڙو وڌي ويو آهي ۽ هن حڪومت سنڀالڻ شرط بجلي ڪمپنين کي سرڪلر ڊيبٽ جي نالي تي 300 ارب روپيا ڏنا پر نه ڪو اهو قرض لٿو ۽ نه ئي لوڊشيڊنگ ختم ٿي ۽ ڏيڍ سال اندر اهو ساڳيو قرض هاڻي وڌي 500 ارب تائين پهچي چڪو آهي ۽ نواز شريف وري ٻيون ڀيرو اهو قرض واپس ڪرڻ جي بهاني تي کين اربين روپيا رشوت ڏيڻ جو پروگرام ٺاهي رهيو آهي عمران خان چيو ته 6 سال اڳ ملڪ جي شهري تي گڏيل طور تي 36 هزار روپيا پرڏيهي قرض هو جيڪو وڌي هن وقت 86 هزار روپيا ٿي چڪو آهي هن ن ليگ ۽ پ پ جي ڪارڪنن کان پڇو ته ڇا هو پنهنجو مستقبل سنوارڻ نٿا چاهين ۽ جيڪڏهن چاهين ٿا ته پوءِ انهن ٻنهي ڪرپٽ سياستدانن جي پويان ڇو لڳا پيا آهن عمران خان چيو ته زرداري مون کان پڇي ٿو ته مون ايترو پئسو ڪٿان آندو مون ته ڪرڪيٽ کيڏي ۽ ٻيا ڪم ڪري اهو پئسو ڪمايو پر هو پاڻ ته ٻڌائي ته بنا ڪم ڪار جي هن ايڏي ملڪيت ڪيئن ٺاهي جو هاڻي ملڪ جي هر صوبي ۾ نوان نوان بلاول هائوس ٺهي رهيا آهن دنيا جي هر ملڪ ۾ زرداري جو گهر آهي ۽ هر ملڪ جي بينڪ ۾ سندس پئسا پيا آهن هن زرداري کي چيو ته هو ماڻهن کي اهو گر ٻڌائي جنهن سان بنا ڪم ڪار جي پئسا ٺاهبا آهن ۽ يونيورسٽي ۾ اهڙو ڪو خاص ليڪچر ڏئي ته جيئن ماڻهن کي خبر پوي ته بنا محنت جي پئسو ڪيئن ڪمائبو آهي عمران خان چيو ته نواز شريف جي حالت اها ته هو چوي ٿو ته آئون ڀينگيو آهيان ۽ مون وٽ پئسا ئي ناهن منهنجا پٽ ٻاهران مون کي پئسا موڪليندا آهن جنهن جي ڪري آئون پنهنجو خرچ هلائيندو آهيان هن چيو ته آئون پنهنجي ماءُ جي گهر ۾ رهندو آهيان ۽ 6 سال اڳ هن رڳو 5 هزار روپيا ٽيڪس ڀريو پر خبر نٿي پوي ته هيڏي وڏي حڪومت هلائيندي به هو ايترو غريب ڇو آهي جڏهن ته سندس پٽ جو لنڊن ۾ رڳو هڪ ئي فليٽ 8 ارب روپين جو آهي ۽ هو اتي جيڪو ڪاروبار ڪري ٿو ان تي 200 ارب روپيا ڏئي ٿو هن چيو ته نواز شريف ۽ زرداري ٻئي هڪ ٻئي سان ڪوڙي جنگ وڙهي رهيا آهن نه ته اهي اندر ۾ مليل آهن عمران خان نواز شريف کي چئلينج ڪيو ته هن جيڪو ڪجهه خيبرپختونخواهه ۾ ترقياتي ڪم ڪيو اوترو رڳو پنجاب ۾ ڪري ڏيکاري عمران خان اعلان ڪيو ته هو ايندڙ جلسو گجرات ۾ ڪندو جنهن کانپوءِ جو اعلان اتي ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *