ملالا يوسف زئي امن جو نوبل انعام کٽي ورتو

لنڊن(م.ڊ) خيبر پختون خواهه ۾ طالبان دهشتگردن جي حملي ۾ زخمي ٿيل شاگردياڻي ملالا يوسف زئي امن جو نوبل انعام کٽي ورتو. خيبر پختون خواهه سان تعلق رکندڙ شاگردياڻي ملالا يوسف زئي کي ڇوڪرين جي تعليم کي هٿي وٺرائڻ ۽ ڀارت سان تعلق رکندڙ ڪيلاش ستيارٿي کي ٻارن جي حقن لاءِ جاکوڙڻ تي گڏيل طور امن جي نوبل انعام سان نوازيو ويو آهي. امن جي نوبل انعام لاءِ روس جي صدر ولادي مير پيوٽن، آمريڪي ڳجهي اداري جي اڳوڻي آفيسر ايڊورڊ اسنوڊن ۽ آمريڪي عورت فوجي سپاهي چيلسيا ماننگ کي به نامزد ڪيو ويو هو. نوبل ڪميٽي جي چيئرمين ۽ ناروي جي اڳوڻي وزيراعظم ٿورب جوئرن جاگينڊ جي اعلان بعد اهو ايوارڊ ملالا يوسزئي ۽ ڪيلاش ستيارٿي کٽڻ ۾ ڪامياب ٿيا.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *