ملازمن کي رهتون نه مليون: سي اي او اسٽيل ملز جو جواب رد، ڇو نه اسٽي ملز جا اڪائونٽس منجمد ڪيا وڃن: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ اسٽيلز ملز جي ملازمن کي رهتون نه ملڻ تي سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ ۽ پروڊڪشن کي طلب ڪندي چيو آهي ته ڇو نه اسٽي ملز جا اڪائونٽس منجمد ڪيا وڃن. عدالت ملز جي سي اي او جي جواب کي رد ڪري ڇڏيو. سنڌ هاءِ ڪورٽ اسٽيل ملز جي رٽائرڊ ملازمن کي رهتون ادا نه ٿيڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران ملز جي چيف ايگزيڪيوٽو پيش ٿي جواب جمع ڪرايو. عدالت جواب کي غير تسلي جوڳو قرار ڏيندي سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ ۽ پروڊڪشن کي 4 مارچ تي طلب ڪري ورتو آهي. عدالت پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو آهي ته ملازمن کي رهتون ادا نه ڪيون ويون آهن، ڇو نه اسٽيل ملز جا اڪائونٽس منجمد ڪيا وڃن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *