ملائڪا نجي ڄاڻ ارباز خان کي ٻڌائڻ تي ڊرائيور کي نوڪري مان ڪڍي ڇڏيو

 

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا ملائڪا اروڙا پنهنجي ۽ پنهنجي ويجهي دوست ارجن ڪپور جي نجي ڄاڻ اڳوڻي مڙس ارباز خان کي ٻڌائڻ تي ڊرائيور کي نوڪري مان ڪڍي ڇڏيو.ڀارتي ميڊيا ۾ گذريل ڪافي عرصي کان ملائيڪا اروڙا ۽ ارجن ڪپور وچ ۾ ويجهڙائپ جون خبرون گردش ڪري رهيون آهن جڏهن ته ملائڪا کي پسند ناهي ته سندس ۽ ارجن جي لاڳاپن جون خبرون ميڊيا ۽ ان جي اڳوڻي مڙس تائين پهچن ۽ اهو ئي سبب آهي جو هن پنهنجي ڊرائيور کي نوڪري مان فارغ ڪري ڇڏيو.ميڊيا رپورٽن موجب ملائڪا اروڙا جي ڊرائيور مڪيش ملائڪا ۽ ارجن بابت نجي ڄاڻ پنهنجي ڀاءُ ۽ ارباز خان جي ڊرائيور ببلو کي ٻڌايون جنهن اهي سموريون ڳالهيون وڃي ارباز خان کي ٻڌائي ڇڏيون.ملائڪا کي جڏهن اها خبر پئي ته ان جي ۽ ارجن بابت نجي ڄاڻ ڊرائيور وسيلي سندس اڳوڻي مڙس تائين پهچي وئي ته هن ڪاوڙ ۾ پنهنجي ڊرائيور کي نوڪري مان ڪڍي ڇڏيو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *