
ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي فلمي جوڙي ملائيڪا اروڙا ۽ ارباز خان ڌار ٿيڻ جي خبرن جي تصديق ڪري ڇڏي، ٻنهي وچ ۾ ڌار ٿيڻ جون خبرون ميڊيا ۾ ڪيترن ئي مهينن کان گردش ڪري رهيون هيون، ٻنهي طرفان جاري هڪ بيان ۾ چيو ويوآهي ته اها ڳالهه صحيح آهي ته هنن پنهنجا رستا ڌار ڪري ڇڏيا آهن پر ان ڳالهه ۾ ڪا حقيقت ناهي ته ملائيڪا اروڙا طلاق لاءِ ڪنهن وڪيل سان رابطو ڪيو آهي، بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڪيترائي ماڻهو پاڻ کي ملائيڪا اروڙا يا ارباز خان جو دوست ظاهر ڪري انهن جي حوالي سان بي بنياد افواهون پکيڙي رهيا آهن، جن ۾ اها دعويٰ پڻ شامل آهي ته ارباز جي ڀاءُ سلمان خان جوڙي ۾ صلح ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي، بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ارباز خان جي خاندان کي ملائيڪا جي لائقف اسٽائل تي ڪو اعتراض ناهي، اهي افواهون پڻ صحيح نه ته ملائيڪا ارباز کان هن جي گهٽ دولتمند هجڻ سبب طلاق وٺي رهي آهي