مفاهمتي پاليسي سان پيپلز پارٽي کي وڏو نقصان پهتو آهي: قمر الزمان ڪائره

دبئي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پ پ جي مرڪزي اڳواڻ قمر الزمان ڪائرهه چيو آهي ته مفاهمتي پاليسي سان پيپلز پارٽي کي وڏو نقصان پهتو آهي پر نظام کي غير مستحڪم ڪندڙ ڪوبه قدم نه کنيو ويندو ۽ نه ئي  مڪاني چونڊن لاءِ  قومي سطح تي اتحاد ڪيو ويندو. گذريل رات ٿيل پ پ جي اجلاس بابت دبئي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي قمرالزمان ڪائرهه چيو ته  پاڻ تي ٿيندڙ ڏاڍ خلاف پارلياميٽ ۾ آواز اٿارڻ سان گڏ عدالتن ۾ دفاع ڪنداسين. هن چيو ته آصف زرداري سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي مان مطمئن آهي ۽ جيڪڏهن رينجرز دائري کان ٻاهر نڪري ڪم ڪندي ته ان کي سمجهائڻ جو حق رکون ٿا. هن چيو ته  مڪاني چونڊن ۾ ڪنهن به پارٽي سان قومي سطح تي اتحاد نه ڪيو ويندو باقي ضلعي سطح تي هڪٻئي جي حمايت ڪئي ويندي. قمرالزمان ڪائره چيو ته مٿن دهشتگردي جو الزام درست ناهي، پ پ هميشه دهشتگردي خلاف رهي آهي. هن چيو ته پ پ ۽ سندن قيادت  نشاني تي رهي آهي، جڏهن ته  دهشتگردي سبب عام چونڊن ۾ بهتر نموني حصو به نه وٺي سگهيا سين. قمرالزمان ڪائره چيو ته جيڪو به جوابدار ڏوهارين جي مدد ڪري ٿو ان کي سزا ملڻ گهرجي ، اسان کي غلطين مان سبق سکي پاليسين ۾ بهتري آڻڻ جي ضرورت آهي. قمر الزمان ڪائرهه چيو ته پاڪستان ۾ هن وقت هڪ نه پر 5 حڪومتون آهن ۽ ملڪ کي جيڪڏهن وفاق ذريعي هلايو وڃي ته مسئلا حل ٿيندا. دبئي ۾ آصف زرداري جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ مختلف فيصلا ڪيا ويا هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *