معصوم ٻارن جو قتل کليل بزدلي آهي: پرويز رشيد

اسلام آباد (بيورو) اطلاعات ۽ نشريات جي وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد پشاور ۾ شهيد ٿيندڙ حسن زيب جي والدين ۽ ڀاءُ موسيٰ زيب سان ملاقات ڪئي ۽ ساڻن دلي تعزيت جو اظهار ڪيو، وزيراعظم جي پوليٽيڪل سيڪريٽري ڊاڪٽر آصف ڪرماڻي به ان موقعي تي وزيراعظم طرفان تعزيت جو اظهار ڪيو، وفاقي وزير موسيٰ زيب کي گلي لڳايو ۽ ساڻس شفقت جو اظهار ڪيو، موسيٰ زيب پشاور ۾ دهشتگردن جي حملي ۾ محفوظ رهيو هو.اطلاعات ۽ نشريات جي وفاقي وزير پرويز رشيد ساڻس ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته قوم ان افسوسناڪ واقعي تي سوڳ ۾ آهي، هر پاڪستاني ان ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهي، معصوم ٻارن جو قتل کليل بزدلي آهي، دهشتگردن جو اهو رويو بزدلاڻي ۽ وحشياڻي ذهنيت جي عڪاسي ڪري ٿو، هن چيو ته سڄي قوم سوڳوار خاندانن سان ان ڏک ۽ صدمي ۾ برابر جي شريڪ آهي، هن خاطري ڪرائي ته حڪومت ملڪ مان دهشتگردن جي خاتمي تائين سک سان نه ويهندي، هن چيو ته اسان جي معاشري ۾ انتهاپسندي جي ڪا به جاءِ نه آهي ۽ گڏيل ڪوششن سان دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائينداسين، هن چيو ته سڄي قوم، جمهوري قوتون ۽ سمورا ادارا دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي لاءِ متحد ۽ مڪمل طور تي پرعزم آهن، ڊاڪٽر آصف ڪرماڻي ملڪ مان دهشتگردي ۽ شدت پسندي خلاف جنگ ۾ حڪومت جي عزم کي ورجايو، شهيد حسن زيب وزيراعظم جي اڳوڻي پريس سيڪريٽري ۽ انفارميشن گروپ جي سينيئر آفيسر شبير انور جو ڀائٽيو به هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *