مظفر ڳڙهه ۾ مقابلو، پابندي مڙهيل تنظيم جو سربراهه 16 دهشتگرد سميت مارجي ويو

مظفر ڳڙهه (مانيٽرنگ ڊيسڪ) مظفر ڳڙهه ۾ مبينا پوليس مقابلي ۾ پابندي مڙهيل تنظيم جي سربراهه ملڪ اسحاق ۽ سندس ٻن پٽن سميت 14 ويڙهاڪ مارجي ويا، جڏهن ته 6 اهلڪار زخمي ٿي پيا. مظفر ڳڙهه جي علائقي شاهه والا ۾ ڪائونٽر ٽيرر اِزم پوليس سان مبينا مقابلي ۾ 14 ويڙهاڪ مارجي ويا. مارجي ويلن ۾ پابندي مڙهيل تنظيم جو سربراهه ملڪ اسحاق، سندس 2 پٽ عثمان ۽ حق نواز به شامل آهن. پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته مارجي ويلن ۾ غلام رسول ۽ سندس پٽ به شامل آهن، جڏهن ته سمورن جوابدارن جو تعلق پابندي مڙهيل تنظيمن آهي. جوابدار دهشتگردي جي ڪيترين ئي وارداتن ۾ گهـُربل هئا. پول

يس اختيارين جو چوڻ آهي ته ملڪ اسحاق کي ڪجهه ڏينهن اڳ گرفتار ڪيو ويو هو ۽ کيس هٿيارن جي نشاندهي ۽ ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ملتان کان مظفر ڳڙهه آندو پيو وڃي ته شاهه والا ويجهو جوابدارن جي ساٿين کين ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي مقابلو ٿيو. سي ٽي ڊي پوليس جو چوڻ آهي ته دهشتگردن جا ساٿي موٽر سائيڪلن تي آيا، جڏهن ته جوابدارن وٽان بارود سان ڀريل 3 واٽر ڪولر، ڪلاشنڪوف، 12 پسٽل، 400 گوليون ۽ 4 دستي بم برآمد ٿيا. جوابدارن جا 6 ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا پر سندن گرفتاريءَ لاءِ سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي. مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويلن جا لاش ڊي ڪيو اسپتال منتقل ڪيو ويو جڏهن ته ڇڪتاڻ جي خدشي کي نظر ۾ رکندي اسپتال جا سمورا دروازا بند ڪيا ويا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *