مصطفيٰ ڪمال جي پارٽي جو نالو پاڪستان قومي موومينٽ ٿي سگهي ٿو: نبيل گبول

ڪراچي (اين اين آءِ) ايم ڪيو ايم جي اڳوڻي اڳواڻ نبيل گبول چيو آهي ته مان صدارتي نظام جي مخالفت نه ڪندس جلد ڪراچي وڃي مصطفيٰ ڪمال سان ملاقات ڪندس، هن چيو ته 70 سيڪڙو ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جا ماڻهو الطاف حسين مان بيزار آهن ڪجهه ڏينهن ۾ متحده جا ڪيترائي نالا مصطفيٰ ڪمال سان گڏ هوندا. مصطفيٰ ڪمال جي پارٽي جو نالو پاڪستان قومي موومينٽ ٿي سگهي ٿو، نبيل گبول مستقبل ۾ مصطفيٰ ڪمال جو ساٿ ڏيندڙن جو ذڪر ڪندي فاروق ستار ۽ گورنر سنڌ جو نالو وٺندي وٺندي خاموش ٿي ويو ۽ هن چيو ته ان کي سلپ آف ٽنگ سمجهو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *