مصطفيٰ ڪمال جي الزامن تي وفاقي حڪومت پاران جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙڻ تي غور،سنڌ ۾ الرٽ جاري

اسلام آباد/ڪراچي(اسٽاف رپورٽر/م.ڊ)وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان وزير اعظم نواز شريف کي ڪراچي جي اڳوڻي سٽي ناظم مصطفيٰ ڪمال جي پريس ڪانفرنس ۽ ايم ڪيو ايم تي هنيل الزامن بابت آگاهي ڏئي ڇڏي آهي، ذريعن موجب وفاقي حڪومت پاران مصطفيٰ ڪمال جي الزامن جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙڻ تي غور شروع ڪري ڏيو آهي، هوڏانهن پريس ڪانفرنس بعد سنڌ جي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد ڪراچي سميت پوري سنڌ ۾ سيڪيورٽي سخت ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، ، ينجرز گشت ۾ آضافو ڪري ڇڏيو آهي، هوڏانهن رينجرز ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائين ذيرو جي ارد گرد پڻ چوڪي ڌائي ڇڏي آهي، مصطفيءِ ڪمال ۽ انيس قائمخاني جي رهائشگاهه تي پڻ سيڪيورٽي سخت ڪرڻ سان گڏ خاردار تارون وڇايون ويون آهن، سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جو اڳوڻي سٽي ناظم مصطفيٰ ڪمال ۽ انيس قائمخاني جي پريس ڪانفرنس جي رد عمل ۾ چوڻ آهي ته مصطفيٰ ڪمال جهڙيون پريس ڪانفرنسون ٻڌيون به آهن ۽ ڏٺيون به آهن، ٻئي پاڪستاني آهن ڪڏهن به ملڪ اچي وڃي سگهن ٿا، پريس ڪانفرنس سان ڪراچي ۽ ملڪ جي حالتن تي ڪو به فرق ۽ اثر نه پوندو. پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان جو چوڻ هيو ته مصطفيٰ ڪمال ڌانڌلي جي ڳالهه ڪري اسان جي تائيد ڪئي آهي، هن پريس ڪانفرنس ۾ سچ ڳالهايو جيڪا سٺي ڳالهه آهي، مون ۾ ايتري بصيرت ناهي جو ايم ڪيو ايم جي سياست تي وڌيڪ ڳالهه ڪري سگهان.سنڌ جي اڳوڻي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جو چوڻ آهي ته مصطفيٰ ڪمال دير آيو درست آيو، منهنجون ڳالهيون سچ ثابت ٿيون، الله تعاليٰ اڄ مونکي قوم اڳيان ٻيهر سرخرو ڪيو آهي، عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته ايم ڪيو ايم تي الزام ڪا نئين ڳالهه ناهي، ماضي ۾ اهڙا الزام لڳا پر ڪا ڪارروائي نه ٿي، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته هاڻ پارٽي مان وڏو سگهارو آواز آيو آهي جيڪا سنجينده ڳالهه آهي، جيڪڏهن هڪ هفتي ۾ ايم ڪيو ايم ۾ ڏار پيو ته ٺيڪ نه ته پوءِ ڪجهه نه ٿيندو، ايم ڪيو ايم ۾ اهڙو ڪوئي ماڻهو ناهي جيڪو پريس ڪانفرنس جو جواب ڏئي سگهي، هن چيو ته ڪراچي جون حالتون هڪ مهيني ۾ تبديل ٿي وينديون. پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي جو چوڻ آهي ته سياست ۾ تمام وڏي تبديلي اچڻ واري آهي، مصطفيٰ ڪمال ايم ڪيو ايم جو اهم ڪارڪن هيون ان اسان جي موقف جي تائيد ڪئي آهي، ذوالفقار علي ڀٽو جي سياست جو آصف علي زرداري جنازو ڪڍي ڇڏيو، هن چيو ته الطاف حسين ۽ رحمان ملڪ وچ ۾ رابطا هيا. اڳوڻي ايم اين اي نبيل گبول انڪشا ف ڪيو آهي ته مون کي خبر آهي ته الطاف حسين ڪارڪنن کي هد ايت ڪئي هئي ته فاروق ستار، انيس قائم خاني ۽ مصطفيٰ ڪمال کي ماري نائن زيرو مان ڀڄائڻو آهي، مصطفيٰ ڪمال جي پريس ڪانفرنس کانپوءِ پنهنجي رد عمل جو اظهار ڪندي نبيل گبول چيو ته جيڪو ڪجهه مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ان سان رابطه ڪاميٽي جا ستر سيڪڙو ماڻهو متفق آهن  ۽ اهي الطاف حسين جي روئي کان تنگ آهن ، هن چيو ته ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن جي اڪثريت مصطفيٰ ڪمال جهڙي سوچ رکندي آهي. پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سينيٽر سعيد غني، مصطفيٰ ڪمال جي پريس ڪانفرنس جي حوالي سان چيو آهي ته مان نٿو سمجهان ته ان ۾ ڪا نئين ڳالهه آهي، ڪيترن ئي سالن کان ملڪ ۾ اهي ڳالهيون هلي رهيون آهن ۽ ايم ڪيو ايم جي خلاف اهڙا الزام لڳندا رهيا آهن. خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته 1992 وارو آپريشن به انهن الزامن هيٺ ڪيو ويو هو. سعيد غني چيو ته رحمان ملڪ ۽ ايم ڪيو ايم جي قائد جي ملاقات جي ڳالهه منهنجي سامهون ڪڏهن ناهي ٿي، انيس قائمخاني تي ماضي ۾ به سنگين الزام لڳندا رهيا آهن. هن چيو ته سياسي پارٽين کي پنهنجي ڪرپشن جي جاچ ڪرائڻ گهرجي. مصطفيٰ پريس ڪانفرنس ۾ فقط الزام مڙهيا ويا جنهن سان پارٽي تي ڪو به فرق نٿو پوي، مصطفيٰ ڪمال ۽ انيس قائمخاني خميس تي الطاف حسين تي ڇتي تنقيد ڪندي پارٽي کان الڳ ٿيڻ جو اعلان ڪيو، بئريسٽر سيف ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مصطفيٰ ڪمال جي الزامن جي ڪا حيثيت ناهي، ايم ڪيو ايم الطاف حسين جي ڪري قائم ۽ دائم آهي، هو بيشڪ پارٽي جو غير تڪراري اڳواڻ آهي، هن چيو ته جن ماڻهن کي اعتراض آهي ڀل پريس ڪانفرنس ڪن، هن چيو ته مصطفيٰ ڪمال جي الزامن تي پارٽي جو نقصان نه ٿيندو، ڇو ته ڪيترائي ماڻهو اهڙي قسم جا الزام لڳائيندا رهيا آهن، هن چيو ته هڪ 2 ماڻهو الزام لڳائي پنهنجو شوق پورو ڪن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *