مصباح الحق پي سي بي ڪرڪيٽ ڪميٽي تان استعيفيٰ ڏيندي قومي ٽيم جي هيڊ ڪوچ لاءِ باضابطا طور درخواست جمع ڪرائي ڇڏي

لاهور (اسپورٽس نيوز) اڳوڻي ڪپتان مصباح الحق پي سي بي ڪرڪيٽ ڪميٽي تان استعيفيٰ ڏيندي قومي ٽيم جي هيڊ ڪوچ لاءِ باضابطا طور درخواست جمع ڪرائي ڇڏي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ اعلان ڪيو آهي ته مصباح الحق ڪرڪيٽ ڪميٽي جي ميمبر جي حيثيت سان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي، هن ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ جي عهدي لاءِ درخواست جمع ڪرائڻ خاطر ڪرڪيٽ ڪميٽي تان استعيفيٰ ڏني. مصباح الحق ڊائريڪٽر انٽرنيشنل ڪرڪيٽ پي سي بي ذاڪر خان سان سومر ڏينهن ملاقات دوران ڪرڪيٽ ڪميٽي تان استعيفيٰ پيش ڪئي. مصباح الحق کي قومي ٽيم جي هيڊ ڪوچ جي عهدي لاءِ مضبوط ترين اميدوار سمجهيو پيو وڃي ۽ کيس چيف سليڪٽر جي ذميواري ملڻ جو به امڪان آهي. ان ڏس ۾ مصباح الحق جو چوڻ هو ته مان اڄ باضابطا طور پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ لاءِ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي پر درخواست جمع ڪرائڻ کان اڳ ئي عهدي لاءِ پنهنجو نالو گردش ٿيندي ڏسڻ دلچسپ ڳالهه هئي. اڳوڻي ڪپتان چيو ته مان پي سي بي سان مختلف معاهدن تي ڪم ڪري رهيو آهيان، ڪميٽي جي درخواست مان قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي تيارين لاءِ پري سيزن ڪئمپ ۾ ذميواريون سنڀاليون هيون. هن چيو ته مون کي ان ڳالهه جو اندازو آهي ته هيڊ ڪوچ جي عهدي لاءِ ڪيترن ئي اهم ماڻهن درخواست جمع ڪرائي هوندي، جنهن سبب سخت مقابلي جي اميد آهي، پاڪستاني ٽيم سانگ ڏ ڪم ڪرڻ ڪنهن به شخص لاءِ هڪ خواب هوندو آهي ۽ قومي ڪرڪيٽ ٽيم ٽنهي فارميٽن ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي اهليت رکي ٿي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *