
لاهور: (اسپورٽس نيوز ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ مصباح الحق کي قومي ٽيم جو هيڊ ڪوچ ۽ وقار يونس کي بالنگ ڪوچ مقرر ڪري ڇڏيو. پي سي بي جي 5 رڪني سليڪشن ڪميٽي ڪجهه ڏينهن اڳ قومي ٽيم جي هيڊ ڪوچ ۽ بالنگ ڪوچ جي لاءِ انٽرويو ڪيا هئا.ذريعن ٻڌايو آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ انٽرويو کان پوءِ قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان مصباح الحق کي پاڪستان ٽيم جو هيڊ ڪوچ ۽ وقار يونس کي بالنگ ڪوچ مقرر ڪري ڇڏيو آهي. ڪرڪيٽ بورڊ طرفان ان جو باضابطه اعلان ٿوري دير ۾ ڪيو ويندو.مصباح الحق پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ڪرڪيٽ ڪميٽي جو ميمبر هو ۽ هن ڪميٽي مان استعيفيٰ ڏئي قومي ٽيم جي هيڊ ڪوچ جي لاءِ درخواست جمع ڪرائي هئي جڏهن ته وقار يونس ماضي ۾ قومي ٽيم جو هيڊ ڪوچ رهي چڪو آهي.