مصباح الحق جي سربراهي ۾ قائم سليڪشن ڪميٽي مڪمل طور بااختيار آهي : پي سي بي

 

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سريلنڪا خلاف سيريز لاءِ چونڊيل احمد شهزاد ۽ عمر اڪمل جي معاملي تي سينيٽر مشاهد الله خان جي بيان تي افسوس جو اظهار ڪندي معاملي جي وضاحت ڪئي آهي.گذريل ڏينهن سينيٽ جي بين الصوبائي رابطن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ن ليگ سينيٽر مشاهد الله خان دعويٰ ڪئي هئي ته عمر اڪمل ۽ احمد شهزاد کي سفارش تي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو.هن اجلاس ۾ پي سي بي چيئرمين جي غير موجودگي تي به ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو هو ته احسان ماني ڪميٽي اجلاس ۾ شريڪ ناهي ٿيو، کيس هر اجلاس ۾ شرڪت جو پابند بڻايو وڃي، سريلنڪا خلاف سيريز ۾ ٻن سفارشي رانديگرن کي کيڏايو ويو، عمر اڪمل ۽ احمد شهزاد اوچتو ڪيئن ظاهر ٿي پيا؟ کين سفارش تي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو ۽ هيڊ ڪوچ تي دٻاءُ وجهي کانئس رانديگرن کي زبردستي ٽيم ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪرايو ويو.پي سي بي سينيٽر جي بيان تي افسوس جو اظهار ڪندي واضح ڪيو آهي ته مصباح الحق جي سربراهي ۾ قائم سليڪشن ڪميٽي مڪمل طور بااختيار آهي، جيڪا ملڪ جي بهترين رانديگرن کي نمائندگي جو موقعو ڏئي رهي آهي.بورڊ طرفان جاري پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته پي سي بي احمد شهزاد ۽ عمر اڪمل کي پي ايس ايل 2019 ۾ بهتر ڪارڪردگي جي بنياد تي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو.پي سي بي اختيارين اسٽينڊنگ ڪميٽي اجلاس ۾ پي سي بي چيئرمين جي غير موجودگي جي به وضاحت ڪندي چيو احسان ماني ۽ چيف ايگزيڪيوٽو وسيم خان آءِ سي سي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ سفر تي وڃي رهيا هئا، جنهن سبب انهن جي جاءِ تي هارون رشيد ۽ بئريسٽر سلمان نصير کي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ نامزد ڪيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *