مشڪل ڪنڊيشنز ۾ پاڪستاني بيٽسمينن جا هٿ پير سڄي ويا، ڪينٽ خلاف بري طرح ناڪام

 

لنڊن(اسپورٽس نيوز) مشڪل ڪنڊيشنز ۾ پاڪستاني بيٽسمينن جا هٿ پير سڄي ويا، ڪينٽ سان چئن ڏينهن واري ميچ جي پهرئين ئي ڏينهن پوري ٽيم 168 رنسن تي ڍير ٿي وئي.ڪينٽ سان چئن ڏينهن واري وارم اپ ميچ جي شروعاتي ڏينهن سميع اسلم ۽ اظهر علي تي ٻڌل پاڪستان جي اوپننگ جوڙي 12 هين ووار جي اڌ ۾ ٽٽي ته اسڪور بورڊ تي صرف 28 رنسون ئي موجود هيون، اظهر کي گڊمين بولڊ ڪيو، هن 15 رنسون ٺاهيون، ايندڙ اوور جي پنجين بال تي سميع اسلم به 13 رنسون ٺاهي ميدان کان ٻاهر هليو ويو، ان کي پوڊمور ايل بي ڊبليو ڪيو، مجموعي اسڪور 53 ٿيو ته حارث سهيل کي صرف 5 رنسن تي گڊمين پويلين واپس موڪلي ڇڏيو.اسد شفيق امام الحق جو ساٿ ڏيڻ جي ڪوشش ڪندي مجموعي کي 111 تائين پهچايو پر پاڻ 17 رنسن تي ئي ٿامس جي وڪيٽ بڻجي ويو، ڇهين نمبر  تي ايندڙ بابر اعظم 2 چوڪن جي مدد سان 11 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو، هيگيٽ جي بال تي وڪيٽ ڪيپر رائوس ڪيچ ورتو.پهرئين ٽيسٽ ڪيپ لاءِ پنهنجو ڪيس مضبوط بڻائيندي امام الحق ون ڊائون پوزيشن تي ذميواراڻي بيٽنگ ڪندي 111 بالن تي 61 رنسون ٺاهيون، ان جي اننگز 9 چوڪن تي ٻڌل هئي، ان کي گڊمين ايل بي ڊبليو ڪيو.جنهن وقت هو آئوٽ ٿيو ته مجموعي اسڪور 129 هو، شاداب خان کي هيگيٽ 7 رنسن تي بولڊ ڪيو، ڪپتان سرفراز احمد گڊمين جي بال تي ڪاٽ بيهائنڊ ٿيڻ کان اڳ صرف 4 رنسون ٺاهيون، محمد عامر به گڊمين جي بال تي ايل بي ڊبليو ٿيو، هو به صرف 4 رنسون پنهنجي نالي جي اڳيان داخل ڪرائي سگهيو.حسن علي آخر ۾ هارڊ هٽنگ جو مظاهرو ڪندي 2 ڇڪن ۽ ايترن ئي چوڪن جي مدد سان 11 بالن تي 24 رنسون ٺاهيون، اهو آئوٽ ٿيندڙ آخري رانديگر ثابت ٿيو، پوڊمور جي بال تي هيگيٽ ڪيچ ورتو، ان سان گڏوگڏ پاڪستان جي پهرئين اننگز جو 55.2 اوورن ۾ 168 رنسن تي خاتمو ٿيو، ول گڊمين 5 جڏهن ته پوڊمور ۽ هيگيٽ 2، 2 رانديگرن ئي آئوٽ ڪيو.جواب ۾ ڪينٽ 15 اوورن ۾ هڪ وڪيٽ تي 39 رنسون ٺاهيون هيون ته گهٽ روشني سبب راند روڪي وئي، اوپنر بيل ڊرومنڊ کي هڪ تي حسن علي پويلين موڪليو، جڏهن راند رڪي ته ڊڪسن 24 ۽ ڊينلي 12 رنسن تي بيٽنگ ڪري رهيو هو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *