مشڪل وقت ۾ شهيد ٻارڙن جي والدين سان گڏ آهيون: عمران خان

پشاور (م.ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته آرمي پبلڪ اسڪول ۾ شهيد ٻارڙن جي والدين جي ڏک کي سمجهان ٿو جن جا ٻار شهيد ٿيا انهن لاءِ تمام  مشڪل وقت آهي، آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جي دوري کانپوءِ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن جو چوڻ هو ته ٻارن جو حوصلو ڏسي خوشي ٿي، انهن تمام گهڻي همت ڏيکاري، انهن کي سلام پيش ڪريان ٿو اسان ڪنهن به صورت ملڪ ۾ تعليم کي متاثر ٿيڻ نه ڏينداسين، جيڪڏهن تعليم ناهي ته به قوم ترقي نه ٿي ڪري سگهي پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو ته اسان جا ٻار دهشتگردن کان نه ٿا ڊڄن، عمران خان شهيد ٿيندڙ ٻارڙن جي والدين سان ملڻ انهن جي گهرن ۾ وڃڻ جو اعلان ڪندي چيو ته اسان جي خواهش هئي ته پهرئين ڏينهن اچون جڏهن نه اچي سگهياسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *