مشڪل معاشي حالتن مان نڪرڻ لاءِ سڀني کي ذميواري ادا ڪرڻي پوندي: آرمي چيف

راولپنڊي (اين اين آءِ) پاڪ فوج جي سربراهه قمر جاويد باجوا چيو اهي ته معاشي آزادي کان سواءِ آزادي جو تصور ممڪن نه آهي مالياتي بدنظمي جي ڪري هن وقت اسان مشڪل صورتحال مان لنگهي رهيا آهيون سيڪيورٽي ۽ معيشت وچ ۾ سڌو لاڳاپو آهي ڏکين حالتن ۾ ڪوئي هڪ فرد ڪامياب نٿو ٿي سگهي جيستائين سڄي قوم متحد ٿي انهن حالتن مان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري هي هڪ قوم بڻجڻ جو موقعو آهي انشاءالله ڏکين حالتن مان ڪاميابي سان نڪري وينداسين جمعي تي اسلام آباد ۾ نيشنل ڊفينس يونيورسٽي ۾ معاشي، اقتصادي حالتن تي هڪ سيمينار کي خطاب ڪندي هن علائقائي امن لاءِ پاڪستان جي ڪوششن تي روشني وڌي ۽ چيو ته هي ئي پاليسي خطي ۾ اقتصادي ترقي لاءِ رستو ٺاهيندي خطي جي ملڪن کي هڪ ٻئي سان ڳنڍڻ جي حوالي سان خيالن جو اظهار ڪندي آرمي چيف جي سربراهه چيو ته سندس خيال آهي ته ڪوبه ملڪ اڪيلي سر ترقي نٿو ڪري سگهي جيستائين سڄو خطو ترقي نه ڪري هن چيو ته پاڪستان به ان وقت ترقي ڪري سگهي ٿو جيستائين ٻين ملڪن سان اقتصادي منصوبن جي ذريعي ڳنڍيو نه وڃي. موجوده اقتصادي صورتحال تي ڳالهائيندي قمر جاويد باوجوا چيو ته مالياتي بدنظمي جي ڪري هن وقت اسان مشڪل صورتحال مان لنگهي رهيا آهيون هن چيو ته آرمڊ فورسز رضاڪاراڻي طور تي دفاعي بجيٽ ۾ پنهنجي سالياني واڌ ڇڏي ڏني هي صرف هڪ قدم نه آهي پر اسان معيشت کي سگهارو ڪرڻ لاءِ ٻيا به قدم کڻي رهيا آهيون هن چيو ته اسان سمجهون ٿا ته حڪومت ڊگهي مدي مفادن خاطر مشڪل فيصلا ڪيا آهن جنهن ۾ اسان به پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهيون هن چيو ته اسان سڀني کي اهڙِن حالتن ۾ پنهنجون ذميوارون پوريون ڪرڻ گهرجن ته جيئن هن ڏکئي مرحلي مان نڪري ڪامياب ٿي سگهون. هن چيو ته ماضي قريب ۾ اهڙا مثال موجود آهن جڏهن ٻين ملڪن کي اهڙا چئلينجز هئا ۽ اهي ڪاميابي سان ڏکين حالتن مان نڪري آيا هن چيو ته اسان به انشاءالله ڏکين حالتن مان ڪاميابي سان نڪري اينداسين. ان موقعي تي پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوا هڪ سيمينار جي اهتمام تي اين بي يو ۽ پروگرام ۾ شريڪ ٿيندڙن جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته اهڙِ قسم جا سيمينار حڪومت ۽ ڌرين وچ ۾ اهم قومي مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ لاءِ مفيد آهن. اين بي يو پاڪستان جي معاشي چئلينجز ۽ حل تي سيمينار ڪوٺايو. پروگرام ۾ شريڪ ٿيندڙن ۾ پنجاب حڪومت جو معاشي صلاحڪار ڊاڪتر سلمان شاهه، ڊاڪٽر فرخ اقبال، ڊين ۽ ڊائريڪٽر آءِ بي اي ڊاڪٽر عابد قيوم سلهري، ايس جي پي آءِ جو ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر الماس حيدر لاهور چيمبر آف ڪامرس جو صدر سيد محمد شبر زيدي چيئرمين ايف بي آر ڊاڪٽر اشفاق حسن خان نيسٽ يونيورسٽي جو اسڪول آف سوشل سائنسز جي پرنسپال به خطاب ڪيو.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *