مشهور ڳائڻي آئمه بيگ کي تمغه فخر امتياز سان نوازيو ويو

ڪراچي (شوبز نيوز) مشهور ڳائڻي آئمه بيگ کي تمغه فخر امتياز سان نوازيو ويو. گورنر هائوس پنجاب ۾ ٿيل پوقار تقريب ۾ ڳائڻي کي ايوارڊ ڏنو ويو. اڇي جوڙي ۾ ڳائڻي گورنر پنجاب محمد سورر کان پنهنجو ايوارڊ وصول ڪيو. 24 سالن جي اداڪاره ۽ ڳائڻي آئمه بيگ کي پاڪستان جو هاڪاري چهرو دنيا آڏو پيش ڪرڻ، عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ عورتن کي ڪينسر بابت آگاهي جي ميدان ۾ ڏنل خدمتن جي اعتراف ۾ کيس تمغه فخر امتياز سان نوازيو ويو. ائڻي سوشل ميڊيا تي پنهنجي مداحن سان اها خبر شيئر ڪئي. گورنر هائوس روانگي کان اڳ هن پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري ۾ ٻڌايو ته هو تمغه فخر پاڪستان وٺڻ وڃي رهي آهي. هن ايوارڊ وٺڻ کانپوءِ به مختلف تصويرون شيئر ڪيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *