
ميامي(اسپورٽس نيوز) مانچيسٽر يونائيٽيڊ فٽبال ڪلب سان تعلق رکندڙ دنيا جي مهانگي فٽبالر پال پوگبا کي گذريل ڪجهه ڏينهن کان هڪ پراسرار اڻڄاتل ڇوڪريءَ سان گڏ ڏٺو پيو وڃي، جنهن جو برطانوي ميڊيا ڏس پتو لڳائي نه سگهي آهي. گذريل ڏينهن مڊ فيلڊر پال پوگيا ميامي ۾ پريڪٽس سيشن دوران به ساڳئي ڇوڪريءَ سان گڏ نظر آيو. ۲۴ ورهين جو پوگبا هيمسٽرنگ انجريءَ سبب في الحال پنهنجي ڪلب لاءَ دستياب ناهي، تنهن ڪري اڻڄاتل گرل فرينڊ کي وقت ڏئي رهيو آهي، ان کان اڳ ساڳئي ڇوڪريءَ کي هالي ووڊ ۾ ٿيل هڪ تقريب ۾ پڻ پال پوگبا سان گڏ ڏٺو ويو هو.