
ممبئي(شوبز نيوز) گذريل سال آگسٽ ۾ خبر سامهون آئي هئي ته ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيه مرزا جي زندگي تي فل ٺاهي ويندي. اهو پهريان ئي طئي هو ته ان فلم ۾ ثانيه مرزا جي زندگي تي روشني وڌي ويندي، جنهن لاءِ پروڊيوسر حق حاصل ڪرڻجي ڪوشش ۾ هئا، جنهن بعد ممبئي مرر جي رپورٽ موجب آگاهي ڏني وئي ته پروڊيوسر روني اسڪرو والا کي اها فلم ٺاهڻ جا حق ملي ويا آهن. پر هاڻ مشهور ٽينس اسٽار ثانيه مرزا پاڻ سندس زندگي تي فلم ٺهڻ جي تصديق ڪئي آهي.هن خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته پنهنجي زندگي کي فلم جي پردي تي ڏسڻ سندس خواب هو.