مشهور ريئلٽي ٽي وي اسٽار ڪم ڪارڊيشين غير شادي شده قرار

لاس اينجلس (شوبز نيوز) آمريڪا جي عدالت مشهور ريئلٽي ٽي وي اسٽار 41 ورهين جي ڪم ڪارڊيشين جي درخواست منظور ڪندي کيس غير شادي شده قرار ڏئي ڇڏيو.ڪم ڪارڊيشين آمريڪي رياست ڪيليفورنيا جي شهر لاس اينجلس جي مقامي عدالت ۾ ڪجهه هفتا اڳ درخواست داخل ڪئي هئي ته کيس سنگل يا غير شادي شده قرار ڏنو وڃي، ان کان اڳ ڪم ڪارڊيشين فيبروري ۾ ڪانيي ويسٽ کان طلاق لاءِ ساڳي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي.عدالت ڪم ڪارڊيشين ۽ ڪانيي ويسٽ جي شادي جي رجسٽريشن رد ڪئي، جنهن سان ريئلٽي وي اسٽار جي غير شادي شده هجڻ واري حيثيت بحال ٿي وئي.ياد رهي ته ڪم ڪارڊيشين ۽ ڪانيي ويسٽ 24 مئي 2014 تي پنهنجي پهرئين ٻار جي پيدائش کانپوءِ شادي ڪئي هئي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *