مشرف معاملي تي حڪومت ٺوس موقف اختيار نه ڪيو: تفصيلي فيصلو جاري

اسلام آباد  (اين اين آءِ) سپريم ڪورت چيو اهي ته حڪومت اڳوڻي صدر جنرل رٽائرڊ پرويز مشرف جو نالو اِي سي ايل مان نه ڪڍڻ جي حوالي سان ٺوس موقف اختيار ناهي ڪيو چيف جسٽس انور ظهير جمالي جي لکيل تفصيلي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ڪنهن به جوابدار جو نالو اِي سي ايل مان ڪڍڻ لاءِ ٺوس ثبوت جي ضرورت هوندي وفاقي حڪومت لاڳاپيل ڪيس ۾ ٺوس موقف اختيار ناهي ڪيو ۽ اٽارني جنرل کان ڪيترائي ڀيرا ان حوالي سان پڇا ڪئي ويئي پر اهو به مشرف جو نالو اِي سي ايل ۾ وجهڻ جي حوالي سان ڪوئي هدايت نامو کڻي نه آيو تفصيلي فيصلي ۾ چيو ويو ته مشرف جو نالو اِي سي ايل مان نه ڪڍڻ جو سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو قانوني هو هاءِ ڪورٽ معاملي جي حساسيت سبب 15 ڏينهن تائين عملدرآمد روڪي ڇڏيو سپريم ڪورٽ پاران مشرف جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ جو حڪم عبوري هو ۽ حتمي فيصلو اچڻ کان پوءِ عبوري حڪم موثر نٿو رهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *