مشرف بهادر آهي ته ڏيهه واپس اچي، سعودي عرب ۾ پچندڙ کچڙي جي خبر ناهي: آصف زرداري

لاهور (اين اين آءِ) پاڪستان جي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته اين آر او ٿي رهيو آهي يا ڪفيل کي بچائڻ ويا ميان ڀائرن جي سعودي عرب موجودگي بابت ڪيترائي افواهه آهن جڏهن ته پرويز مشرف ۾ ايترو ڌم آهي ته هو پاڪستان اچي پنهنجي خلاف ڪيسن کي منهن ڏي نيب سنڌ ۾ هميشه ظلم ڪيو ڊاڪٽر طاهرالقادري جي شڪل ۾ نوابزاده نصرالله جي ڪمي پوري ٿي رهي آهي اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊفينس ۾ پارٽي جي پراڻي ڪارڪن جاويد اختر سان ماءُ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ۽ فاتحه خواني کان پوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو آصف علي زرداري نوازشريف جي سعودي عرب ۾ موجودگي جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ چيو ته اتي ڪرپشن جيخلاف مهم به هلي رهي آهي سعودي شهزادي ڪرپشن الزامن تي ڪيترائي ماڻهو پڪڙيا اهن ميان ڀائرن جي حوالي سان به ٽن چئن قسمن جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن جن مان هڪ ته اين آر او آهي ۽ اهو به چيو پيو وڃي ته شريف خاندان ڪنهن ڪفيل وٽ سيڙپ ڪئي آهي جنهن کي بچائڻ وڃي رهيا آهن ٿي سگهي ٿو ته شريف ڀائرن جا سعودي عرب ۾ ڪي اشو هجن سعودي عرب اسان جو پراڻو دوست ملڪ آهي ۽ جڏهن ته پ پ پ حڪومت ۾ سعودي عرب جو پاڪستان تي ايترو وڌيڪ اثر رسوخ نه هو هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جڏهن اين آر او ٿيو ته هو ان وقت جيل ۾ بند هو ۽ ڪوشش ڪئي ويئي ته هو به هڪ جهاز ۾ سوار ٿئي پر الله کيس حوصلو ڏنو ۽ هن هي ڪم نه ڪيو جيڪڏهن پرويز مشرف ۾ ايتري جرئت آهي ته ٻاهرين ملڪ رقص بدران پاڪستان ۾ اچي ۽ ڪيسن کي منهن ڏي. جڏهن انکان سوال ڪيو ويو ته پاڪستان عوامي تحريڪ ماڊل ٽائون سانهي تي جيڪو احتجاج ڪرڻ جي تياري ڪري رهي ته ڇا ان پ پ پ به شامل ٿيندي ته ان جو چوڻ هو ته ان حوالي سان فيصلو پارٽي اڳواڻن جي مشاورت سان ڪيو ويندو پ پ پ جي ڪو چيئرمين چيو ته الله تعاليٰ جو شڪر آهي جو نوابزاده نصرالله خان بابر جي جيڪا ڪمي اسان کي محسوس ٿي رهي هئي اها ڊاڪٽر طاهرالقادري جي صورت ۾ پوري ٿيندي نظر اچي رهي آهي آصف زرداري کان نيب جي حوالي سان سوال ڪيو ويو ته هن چيو ته نيب سنڌ ۾ هميشه پ پ پ تي ظلم ڪيو ۽ صوبي ۾ هڪ اهڙو ڪئنال بند ڪرائي ڇڏيو جيڪو 26 لک ايڪڙ زرعي ايراضي کي آباد ڪندو آهي نيب وٽ ڪهڙو اوزار آهي جو پاڻي جي لائيننگ کي چيڪ ڪري.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *