مسلم ليگ (ن) ٽن ڌڙن ۾ ورهائجي ويندي: شيخ رشيد جي دعويٰ، اسان وقت بلدجندي ڏسي رھيا آھيون: مريم نواز

اسلام آباد/لاھور (م.ڊ/اين اين آءِ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد هڪ دفعو ٻيهر دعويٰ ڪئي اهي ته (ن) ليگ ٽن ڌڙن ۾ ورهائجي ويندي، ٻن سالن کان پوءِ هڪ نئون سياسي ماحول ڏسي رهيو آهيان جنهن ۾ اڄ جهڙيون حالتون نه هونديون (ن) ليگ انتشار ۽ گڏيل جوڊو ڪراٽي جو شڪار ٿيندي حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن ۾ جوڊو ڪراٽي جو ماحول گهٽجي رهيو آهي تحريڪ انصاف جي دفن ٿيڻ جون ڳالهيون ڪندڙ شهبازشريف پنهنجي لاءِ دم درود ڪرائي ايندڙ چونڊون شفاف ۽ صحيح ٿينديون پاڪستان ۾ القاعده، داعش، تحريڪ طالبان پاڪستان، بيت السلام سميت انتهاپسند تنظيمن جو خطرو موجود آهي سومر تي هتي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شهبازشريف چوي ٿو ته پاڪستان تحريڪ انصاف دفن ٿي ويندي هو ٻن سالن کان پوءِ پنهنجي لاءِ دم درود ڪرائي، پنهنجي لاءِ سوچي اوهان جي خاندان ۾ ورهاثت جي ويڙهه شروع ٿي چڪي آهي جيڪا ٻن سالن کان پوءِ خدا ڄاڻي ڪهڙي نتيجي تي پهچندي هن چيو ته ڏيڍ سال اڳ مان اڳڪٿي ڪئي هئي ته (ن) ليگ مان ش الڳ ٿي ويندي هاڻي مان ڪجهه ٻيو نڪرندي به ڏسي رهيو آهيان پهريان منهنجو خيال هو ته ٻه گروپ ٿيندا هاڻي مان اها اڳڪٿي ڪريان ٿو ته 3 گروپ ٿيندا شيخ رشيد چيو ته شهبازشريف گهر ڪئي آهي ته ٻن سالن کان پوءِ ٿيندڙ چونڊون شفاف ٿين ۽ انهن ۾ ڪائي ڌانڌلي نه ٿئي ته ان سان اهوواعدو آهي ته ايندڙ چونڊون شفاف ۽ صحيح ٿينديون گهرو وزير چيو ته شهبازشريف اهو ئي اوهان جو مطالبو آهي ۽ اها ئي عمران خان جي راءِ آهي ته مشين جي ذريعي اليڪشن ٿئي سٺي ڳالهه آهي ته اليڪشن ڪميشن ۽ حڪومت ويجهو اچي رهيا آهن ۽ جوڊو ڪراٽي جو ماحول گهٽجي رهيو آهي، سوالن جا جواب ڏيندي هن چيو ته اسلام آباد ۾ ٻن ڏينهن دوران 4 قتل جي ڏوهن جو سبب بني گالا ۾ پراپرٽي جا معاملا هئا پاڪستان ۾ ايراضي جون قيمتون وڌي ويون آهن جنهن جي ڪري هي قتل ٿيا. هن چيو ته افغانستان ويندڙ ماڻهن جو انگ اتان پاڪستان ايندڙن جو انگ وڌيڪ آهي، هن چيو ته آن ارائيول ويزا جي سهولت 50 ملڪن مان وڌائي 65 ڪري رهيا آهيون پاسپورٽ ۽ سڃاڻپ ڪارڊ جي معاملي تي نطرثاني ڪري رهيا اهيون پاسپورٽ ۽ سڃاڻپ ڪارڊ جي سيڪيورٽي لاءِ 15 وڌيڪ فيچرز آڻي رهيا آهيون پاڪستان خطي ۾ اِي پاسپورٽ جاري ڪندڙ پهريون ملڪ هوندو شيخ رشيد چيو ته ايف آئي اي کي سائبر ڪرائيم جون هڪ لک درخواستون مليون آهن، سائبر ڪرائيمز وارن کي 2 ارب جافنڊ جاري ڪري رهيا آهيون نادرا 75 لک ماڻهن کي ويڪسين سرٽيفڪيٽ جاري ڪيا، جعلي ويڪسينيشن جي معاملي تي نادرا جو ڪوئي قصور نه آهي نادرا کي هدايت ڪئي ته ٻيهر اهڙي غلطي نه ٿئي.  ٻئي طرف ن ليگ نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته حمزا شهباز تمام سٺو انسان آهي پر اسان جي سوچ، راءِ ۽ طريقي ڪار مختلف ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته اسان سڀ متفق آهيون ته اسان جي گهر ۽ جماعت جو سربراهه رڳو نواز شريف آهي. ماڊل ٽائون لاهور ۾ پارٽي ميٽنگ سان خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته ڪنٽونمينٽ بورڊ اليڪشن ۾ ڊڪٽيٽر شپ جي دور کان وڌيڪ بُرا حربا استعمال ٿيا پر سمورن حربن باوجود اسان کي وڏي ڪاميابي ملي، ڪشمير چونڊن ۾ به اسان کي ٽي وي تي هارايو ويو، حڪمران جماعت 6 لک ۽ اسان 5 ووٽ ووٽ کنيا، مخالف چونڊون کٽڻ کانپوءِ مٿي تي هٿ ڏئي ويهي رهيا، انهن کي اها فتح به پنهنجي شڪست لڳي. هن چيو ته انهن جي هڪ پيج تي هجڻ باوجود هڪ ئي واعدو پورو ٿيو ته مان قوم کي روئاريندس، اهڙي حڪومت ٺاهي وئي آهي، جيڪا قوم سان گڏ ناهي، ميڊيا کي بند ڪيو ويندو آهي ۽ مخالفن کي دٻايو ويندو آهي، نواز شريف رڳو ڪجهه ماڻهن تي تنقيد ڪئي، اداري تي نه، اها تنقيد ڪنهن ذاتي مفاد يا ڪاوڙ جي ڪري نه پر نظريي سبب آهي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته شهباز شريف لاءِ دعاڳو آهيان، هو تمام سٺو انسان آهي پر اسان جي سوچ، راءِ ۽ طريقي ڪار مختلف ٿي سگهي ٿو، اسان سڀ متفق آهيون ته اسان جي گهر ۽ جماعت جو سربراهه رڳو نواز شريف آهي، مان دل سان شهباز شريف جي خدمتن جي تعريف ڪري رهي آهيان، جيڪڏهن شهباز شريف جي حڪومت هجي ها ته دوائون گهرن ۾ ملن ها.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *