مسلم ليگ ن جو بيگم ڪلثوم نواز کي اين اي 120 تي چونڊ ويڙهائڻ جو فيصلو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم لگ ن طرفان اين اي 120 لاهور ٿري تان بيگم ڪلثوم نواز کي اميدوار بڻائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. لاهور مان قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 120 جي سيٽ اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي نااهلي سبب خالي ٿي. ان کان اڳ مسلم ليگ ن ان سيٽ تي پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف کي اميدوار بنائڻ جو فيصلو ڪيو هو تنهن هوندي نواز شريف گذريل ڏينهن سينيئر صحافين سان ڳالهه ٻولهه دوران هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته شهباز شريف کي پنجاب ۾ برقرار رکڻ جو فيصلو ٿيو آهي ۽ وزير اعظم شاهد خاقان عباسي ئي رهندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته مسلم ليگ ن لاهور جي ڄاڻايل تڪ تان بيگم ڪلثوم نواز کي اليڪشن ويڙهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي تنهن هوندي ان جي حتمي منظوري نواز شريف ڏيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *