مسلم ليگ (ق) پاران سيد جلال محمود شاهه کي حڪومت مخالف اتحاد ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) مسلم ليگ قاف سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ ايس يو پي سربراهه سيد جلال محمود شاهه سان ملاقات ڪري کيس حڪومت مخالف اتحاد ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏئي ڇڏي، سيد جلال محمود شاهه چيو آهي ته پهريان مسلم ليگي ڌڙا گڏ ڪيا وڃن بعد ۾ اتحاد لاءِ غور ڪيو ويندو. مسلم ليگ قاف سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ ڪراچي ۾ حيدر منزل پهچي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراهه سيد جلال محمود شاهه سان ملاقات ڪري حڪومت مخالف اتحاد ۾ شموليت جي دعوتڏني. ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي حليم عادل شيخ چيو ته پاڪستان ٺاهڻ ۾ سائين جي ايم سيد جو اهم ڪردار هو جنهن ڪري سندس خاندان کي نطرانداز نٿو ڪري سگهجي ۽ هنن جو اتحاد ۾ شامل ٿيڻ انتهائي ضروري آهي. حليم عادل شيخ چيو ته پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم هڪ پچ تي آهن جيڪي گڏجي عوام جو رت چوسي رهيا آهن، جنهنڪري ٽين سياسي طاقت جي گڏ ٿيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته مڪاني ادارن جي چونڊن ۽ ڪرپشن خلاف مضبوط گرينڊ الائنس جي ضرورت آهي جنهن لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن. ان موقعي تي ڳالهائيندي ايس يو پي سربراهه سيد جلال محمود شاهه چيو ته حليم عادل شيخ حڪومت مخالف اتحاد ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني آهي جنهن ۾ شامل ٿيڻ لاءِ پارٽي جي سي اي سي جي اجلاس ۾ حتمي فيصلو ڪيو ويندو . سيد جلال محمود شاهه چيو ته سڀ کان پهريان سمورن مسلم ليگي ڌڙن کي گڏ ڪيو وڃي جنهن کانپوءِ اتحاد ۾ شامل ٿيڻ يا نه ٿيڻ بابت غور ويچار ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *