مسلم ليگي ڌڙن کي گڏ ڪرڻ لاءِ سرگرم چوڌري شجاعت جي پير پاڳاري ۽ سيد غوث علي شاهه سان ملاقاتون

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) مسلم ليگي ڌڙن کي گڏ ڪرڻ لاءِ سرگرم چوڌري شجاعت حسين پير پاڳاري کانپوءِ سيد غوث علي شاهه سان ملاقات مسلم ليگي ڌڙن کي گڏ ڪرڻ لاءِ سرگرم چوڌري شجاعت حسين پير پاڳاري سان ملاقات ڪرڻ کانپوءِ سيد غوث علي شاهه سان مليو آهي، چوڌري شجاعت حسين چيو آهي ته پير پاڳاري سان تفصيلي ڳالهيون ٿيون آهن، مضبوط اپوزيشن ٺاهينداسين، ڪراچي ۾ شروع ٿيل امن جون هوائي پنجاب تائين پهچي چڪيون آهن. قاف ليگ سربراهه چوڌري شجاعت حسين مسلم ليگي ڌڙن کي گڏ ڪرڻ لاءِ ڪراچيءَ جي ياترا تي آهي، جتي هـُن پير پاڳاري صبغت الله شاهه راشديءَ سان ملاقات ڪئي. پير پاڳاري سان ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چوڌري شجاعت چيو ته پير پاڳاري سان تفصيلي ڳالهيون ٿيون آهن، ساڻس سمورن معاملن تي کــُلِي ڳالهايو آهي، مضبوط اپوزيشن ٺاهي سڀني کي گڏ کڻي هلنداسين. هن چيو ته ڪراچي ۾ امن جون هوائون گـُهلڻ شروع ٿي ويون آهن، جيڪي پنجاب سميت سڄي ملڪ تائين پهچي ويون آهن. چوڌري شجاعت حسين چيو ته ڪراچي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن يا گرفتارين تي پيپلز پارٽي يا ايم ڪيو ايم جا خدشا ختم ٿيڻ گهرجن. هڪ سوال جي جواب ۾ چوڌري شجاعت حسين چيو ته ملڪ ۾ ڪوبه پرڏيهي وزير ناهي ته پوءِ ملڪي پرڏيهي پاليسي ڪهڙي هوندي. پرويز مشرف بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ سندس چوڻ هو ته ان اهڙو ڪوبه ڪم نه ڪيو آهي، جنهن تي کيس غدار قرار ڏئي سگهجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *