مسلم امت جو گڏيل اتحاد ۽ اتفاق خطي ۾ امن ۽ معاشي استحقام جو ضامن آهي: فردوس عاشق اعواڻ

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم جي سڌسماءِ جي خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته مسلم امت جي گڏيل اتحاد ۽ اتفاق خطي ۾ امن ۽ معاشي استحڪام جو ضامن آهي ڪشمير مسئلي تي سعودي عرب پنهنجي حمايت جو عزم ورجايو ۽ تڪرار جي پرامن طريقي سان حل ٿيڻ تي زور ڏنو وزيراعظم عمران خان جي دوري سان پاڪستان ۽ سعودي عرب جي گڏيل اعتماد ۾ اضافو ٿيندو ۽ مختلف شعبن ۾ ويجهي تعاون تي ٻڌل لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا اربع تي ٽيوٽر تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته ايران کان پوءِ فوجي قيادت جي خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ امن ۽ استحڪام کي هٿي وٺرائڻ لاءِ وزيراعظم جي ڪوششن کي سارائن عمران خان کي مسلم امت جي رهبر طور ممتاز ڪري ٿو هن چيو ته پاڪستان برادر اسلامي ملڪن وچ ۾ اخوت جي جذبي ۽ هم آهنگي کي هٿي وٺرائڻ جو خواهشمند آهي هن چيو ته مسلم امت جو گڏيل اتحاد ۽ اتفاق خطي ۾ امن ۽ معاشي استحڪام جو ضامن آهي هن چيو ته وزيراعظم عمرانخ ان سعودي قيادت کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين صورتحال مواصلاتي پابندين ۽ مسلسل لاڪ ڊائون کان آگاهه ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *