مسلسل ڪارروائين سبب دهشتگردن جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي: وڏو وزير

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سندس حڪومت سنڌ صوبي ۾ نيشنل ايڪشن پلان تي ان جي اصل روح مطابق عملدرآمد لاءِ ڀرپور ريت ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته سنڌ صوبي مان ٽارگيٽ ڪلنگ، ڀنگ لاءِ اغوا، ڀتا خوري ۽ دهشتگردي جي خاتمي جو واحد رستو آهي. هن اها ڳالهه اڄ نيو سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ اپيڪس ڪميٽيءَ جي فيصلن تي عملدآمد ڪراڻ واري اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي وزير جي قانون واري صلاحڪار مرتضيٰ وهاب، اطلاعت واري صلاحڪار مولابخش چانڊيو، چيف سيڪريٽري سنڌ صديق ميمڻ، آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه، ايڊووڪيٽ جنرل ضمير گهمرو، گهرو سيڪريٽري رياض سومرو ۽ سيڪريٽري قانون شرڪت ڪئي. آءِ جي سنڌ پوليس وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي چيو ته نيشنل ايڪشن پلان تحت لائوڊ اسپيڪر ايڪٽ جي خلاف ورزي ڪرڻ جا 2278 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن جنهن تحت 1584 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. هن چيو ته 1195 چالان ڪيل ڪيسن مان 260 جو فيصلو ڪيو ويو آهي هن وقت 132 ڏوهاري جيل ۾ آهن، 980 ضمانت تي آهن 219 کي آزاد ڪيا ويا آهن.  سنڌ ۾ غيرقانوني رهندڙ افغانين بابت ڳالهائيندي آءِ جي سنڌ چيو ته 1512 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن جنهن مان 1197 عدالتن ۾ چالان ڪيا ويا آهن. جڏهن 198 ڪيسن جو فيصلو ٿي چڪو آهي، جڏهن ته  2768 گرفتار افغانين مان 1293 جيلن ۾ آهن. هن چيو ته نفرت مواد ڦهلائيندڙ جي حوالي سان 119 ڪيس داخل ڪيا آهن جنهن مان 76 چالان ڪيا ويا آهن ۽ 16 ڪيسن جو عدالتن مان فيصلو ٿي چڪو آهي، هن وقت 26 ڏوهاري جيل ۾ آهن ۽ 13 ضمانت تي آهن جڏهن ته 23 کي آزاد ڪيو ويو آهي. آرم ايڪٽ جي خلاف ورزي بابت آءِ جي سنڌ چيو ته 17564 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن جنهن مان 16166 جو چالان ڪيو ويو آهي جنهن مان 1771 جو فيصلو ٿي چڪو آهي. پوليس ۾ آرم ايڪٽ تحت 16597 ڏوهارين کي گرفتار ڪيو جنهن مان 10817 جيلن ۾ آهن 72 پوليس تحويل ۾ آهن 7268 ضمانت تي آهن ۽ 1576 کي آزاد ڪيو ويو آهي. ڪومبنگ آپريشن جا تفصيل ٻڌائيندي آءِ جي سنڌ چيو ته گڏيل طور تي 3069 آپريشن ڪيا ويا جنهن مان 1989 ڪراچي، 325 سکر ۽ 610 لاڙڪاڻي ۾ ڪيا ويا ۽ هينئر تائين 4513 ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ويو آهن، هن وقت 3193 مختلف جيلن ۾ آهن، 889 ضمانت تي آهن جڏهن ته 179 کي آزاد ڪيو ويو آهي. بند گروهه ۽ ذيلي قومپرست تنظيمن خلاف ڪيل ڪاررواين بابت بريفنگ ڏيندي اي ڊي خواجه چيو ته 75 ڪيس رجسٽر ڪيا ويا آهن ۽ سمورن کي عدالت ۾ چالان ڪيو ويو آهي جنهن مان 5 ڪيسن جو فيصلو ٿي ويو آهي، پوليس 86 کي گرفتار ڪيو آهن 56 جيلن ۾ آهن ۽ 13 ضمانت تي آهن. آءِ جي پوليس مذهبي دهشتگردي بابت ٻڌايو ته 165 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن جنهن مان 157 ڪراچي ۾ داخل ڪيا ويا آهن جنهن تحت 195 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس 120 ڪيسن جا چالان عدالتن ۾ پيش ڪيا آهن، جنهن مان عدالتن رڳو 6 ڪيسن جو فيصلو ڪيو آهي، ۽ 169 دهشتگرد جيل ۾ آهن جڏهن ته 11 ضمانت تي آهن ۽ 15 کي آزاد ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ڪلعدم مذهبي تنظيمن جي 116 دهشتگردن کي مختلف ڪارروائين ۾ ماريا ويا آهن. فرقيواڻي دهشتگري بابت آءِ جي سنڌ چيو ته 159 ڪيسن مان 155 ڪراچي جا شامل آهن جنهن تحت 131 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. 114 ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ويو آهي. جنهن مان 4 ڪيسن جو عدالتن مان فيصلو ڪيو ويو آهي، 197 ڏوهاري جيل ۾ آهن، 19 ضمانت تي آهن ۽ 15 کي آزاد ڪيو ويو آهي جڏهن ته 21 فرقيواڻي دهشتگردي مقابلن ۾ ماريا ويا آهن. هن چيو ته پوليس دهشتگردي بابت فنانس ڪرڻ جا 7 ڪيس داخل ڪيا آهن جن مان 6 ڪيسن جا چالان عدالتن ۾ پيش ڪيا آهن. پوليس 11 ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ۽ اهي سمورا جيلن ۾ آهن. هن چيو ته پوليس نيشنل ايڪشن پلان تحت وال چاڪنگ ڪندڙ خلاف به ڪارروائي ڪئي آهي 546 ڪيس داخل ڪيا آهن، 471 ڪراچي، 64 سکر ۽ 11 لاڙڪاڻي ۾ داخل ڪيا ويا آهن. 546 ڪيسن مان 47 ڪيسن جا چالان عدالتن ۾ چالان پيش ڪيا آهن 3 ڪيسن جو فيصلو ٿيو آهي، هن چيو ته وال چاڪنگ ڪندڙ 78 جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي جنهن مان 22 جيلن ۾ آهن ۽ 50 ضمانت تي آهن. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته هُو نيشنل ايڪشن پلان جي اجلاس ۾ مدرسن جي رجسٽريشن واري مامري کي کڻندو. هن چيو ته ان مسئلي تي قومي اتفاق راءِ هئڻ گهرجي. هن ٻڌايو ته 2309 مدرسن کي بند ڪيا ويا آهن. سنڌ پوليس ايس ايس پي انٽيليجنس سي ٽي ڊي تحت اينٽي ٽيررزم فناسنگ يونٽ قائم ڪيو آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ ۾ نيشنل ايڪشن پلان تي ٿيندڙ اڳڀرائي تي پنهنجي اعتماد جو اظهار ڪيو ۽ هن چيو ته پراسيڪيوشن جي سائيٽ ۾ وڌيڪ بهتري جي ضرورت  آهي. هن  چيو ته حڪومت سنڌ پوليس کي جديد تربيت ۽ هٿيارن ڏئي انهن جي صلاحيتن کي وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *