مسجد اقصيٰ تي حملو مسلمانن جي جذبن سان کيڏڻ جي ناپاڪ ڪوشش آهي: مولانا فضل الرحمان

ڊيرااسماعيل خان (م.د) جمعيت علماءِ اسلام جو مرڪزي امير مولانا فضل الرحمان مسجد اقصيٰ کي اسرائيلي جارحيت کي نهايت افسوسناڪ ۽ برداشت کان ٻاهر ڪوٺيندي چيو ته اسان جو شروع کان اهو ئي موقف آهي ته دهشتگرد ملڪ دهشتگرد تنظيمون ۽ دهشتگرد آمريڪا جي ئي پيداوار ۽ ان جي ضرورت آهن ۽ انهن ئي دهشتگردن جي ذريعي هو سڄي دنيا تي پنهنجي جنگ مڙهي عالمي طاقت جي طور تي پاڻ کي برقرار رکڻ لاءِ ڪوشان آهي پنهنجي رهائشگاهه تي پارٽي عهديارن سان ڳالهائيندي هن چيو ته ان حقيقت کان انڪار نه آهي ته دنيا ۾ جتي به ظلم ٿي رهيو آهي اتي ظالم کي سڌو يا اڻسڌو آمريڪا مدد يا حمايت حاصل آهي اسرائيل کي جارحيت جي کلي ڇوٽ ڏني ويئي آهي ان کي عالمي انصاف جي قانونن ۽ بنيادي انساني حق لتاڙڻ جو لائسنس ڏنو ويو آهي جڏهن ته ان جي ظلم تي احتجاج ڪندڙن کي دهشتگرد چيو وڃي ٿو هن چيو ته آمريڪا کي پنهنجي هي روش ختم ڪرڻي پوندي اهڙين پاليسين سان آمريڪي طاقت کي ڪڏهن به طاقت نٿي ٿي سگهي پر ان سان پوري امت مسلمه ۾ آمريڪا جي خلاف نفرت جي اڃا وڌيڪ باهه ڀڙڪي سگهي ٿي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *