مستونگ ۾ سرچ آپريشن دوران 5 دهشتگرد مارجي ويا، 6 زخمي

مستونگ(مانيٽرنگ ڊيسڪ) مستونگ ۾ سرچ آپريشن دوران ايف سي سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پنج دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته 6 زخمي ٿي پيا ايف سي ترجمان مطابق مستونگ جي علائقي گرد گاپ ۾ آئل ٽينڪرز کي ساڙيندڙ شرپسندن جي موجودگي جي اطلاع تي سرچ آپريشن ڪيو ويو ته انهن فائرنگ ڪري ڏني جوابي  فائرنگ جي نتيجي ۾ 5 شرپسند مارجي ويا ۽ 6 زخمي ٿي پيا آهن ايف سي کي سرچ آپريشن دوران گهرو وزارت جي هيليڪاپٽر جي مدد به حاصل هئي، ايف سي اغوا ڪيل ڪنٽينرز ڊرائيورن کي به بازياب ڪرائي ورتو، ٽي ڏينهن اڳ سينڊڪ پروجيڪٽ کي تيل فراهم ڪندڙ پنجن آئل ٽينڪرز کي ساڙڻ کانپوءِ ڊرائيورن کي اغوا ڪيو ويو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *