مسئلن جي باوجود پاڪستنا جي ترقي تي دنيا حيران آهي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد  (اين اين آءِ) سڌسماءُ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان جي ترقي کي ڏسي سڄي دنيا حيران آهي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ 55 هزار ماڻهن پنهنجون جانيون قربان ڪيون موجوده حڪومت ۾ دهشتگردي جو خاتمو ممڪن ٿيو آهي ۽ ڪيترن ئي قربانين کان پوءِ ئي پاڪستان ان حد تائين پهتو آهي ته اڄ پاڪستان ترقي جي رستي تي هلي رهيو آهي. ۽ سڄي دنيا مسئلن جي باوجود پاڪستان جي ترقي تي حيران آهي مريم اورنگزيب چيو ته حڪومت نه صرف لوڊشيڊنگ ۾ وڏي گهٽتائي ڪئي آهي پر گذريل 40 منصوبا نه لڳايا آهن انهن تي به ڪم ڪري رهي آهي ۽ وزيراعظم خود انهن منصوبن جي نگراني ڪري رهيو آهي سي پيڪ کي سڄي دنيا ۾ گيم چينجر سمجهيو وڃي ٿو هن چيو ته جمهوريت کي مضبوط ڪرڻ ۾ ميڊيا اهم ڪردار ادا ڪيو آهي پر ان ميڊيا ۾ اهڙا شرپسند ماڻهو به موجود آهن جيڪي منفي پروپيگنڊا ڪري رهيا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *