مري جي هوٽل ۾ 3 ڪوپ چانهن جا 2 هزار بل، فضا علي ڪاوڙ ۾ اچي وئي

ڪراچي(شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪارا فضا علي سخت برفباري دوران مري ۾ هوٽل جو ڪمرو وٺڻ جو پنهنجو تجربو شيئر ڪيو آهي فضا علي جي يوٽيوب چينل تي شيئر ڪيل هڪ وڊيو ۾ هن ٻڌايو ته هوءَ تازو ئي هڪ پروجيڪٽ جي سلسلي ۾ لاهور آئي هئي جتان هن برفباري ڏسڻ لاءِ مري وڃڻ جو ارادو ڪيو فضا علي موجب هن مري جي هڪ هوٽل ۾ اروما ڪيفي نالي هڪ هوٽل ۾ هڪ رات لاءِ 20 هزار رپين ۾ ڪمرو ورتو، اتي پهچڻ تي اندازو ٿيو ته انتظاميه پاران تصويرن ۾ جيڪي ڪمرا ڏيکاريا ويا هئا اه بلڪل به نه هئا فضا علي پنهنجي وڊيو ۾ ٻڌايو ته هوٽل جي واش روم ۾ پاڻي به نه هو، شڪايت ڪرڻ تي انتظاميا چيو ته موٽر هلي رهي آهي پاڻي ايندو پر 4 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پاڻي نه آيو اداڪارا موجب ان دوران اسان 3 ڪوپ چانهه جا آرڊر ڪيا، بوتل ڏسي اسان حيران ٿي وياسين، ڇو ته 3 ڪوپ چانهه اسان کي ٻن هزارن ۾ ڏنا ويا، پر ان باوجود ڪيترائي ڪلاڪ گذرڻ باوجود پاڻي نه آيو ته اسان انتظاميه تي شديد ناراضگي جو اظهار ڪيو  ۽ پاڻي نه اچڻ جي صورت ۾ پيسا واپس ڪرڻ جو مطالبو ڪيو پوءِ هوٽل ڇڏي ڏنو هن پنهنجي وڊيو ۾ عوام کان اهو به مطالبو ڪيو ته هو انهن هوٽل مالڪن جا نالا ڏين جن سان مري سانحي دوران بدتميزي ۽ اوور چارجنگ ڪئي ته جيئن اهڙن هوٽل مالڪن خلاف ڪارروائي ٿي سگهي اداڪارا جو چوڻ هو ته مري ۾ رڳو 10 سيڪڙو ماڻهو اهي آهن جن جو واسطو مريس سان باقي اڪثر هوٽلن جا مالڪ وڏا سياستدان، ڪاروباري ماڻهو ۽ وزير آهن

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *