مريم نواز نيب هٿان گرفتار، پ پ جي مذمت، بلاول جو قومي اسيمبلي ۾ احتجاج، واڪ آئوٽ

اسلام آباد/لاهور (ويب ڊيسڪ) نيب مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز ۽ نواز شريف جي ڀاڻيجي يوسف عباس کي چوڌري شگر ملز ڪيس ۾ گرفتار ڪري ورتو. ذريعن موجب مريم نواز اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف سان ملاقات جي لاءِ ڪوٽ لکپت جيل پهتي هئي جتي نيب ٽيم پهريان ئي موجود هئي جنهن  پوءِ جيئن ئي مريم نواز پهتي نيب کيس گرفتار ڪري ورتو. نيب طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب موريم نواز ۽ يوسف عباس کي چوڌري شگرملز ڪيس ۾گرفتار ڪيو ويو آهي، نيب چيئرمين جي حڪم تي ڊاڪٽرن جي ٽيم مريم نواز ۽ يوسف عباس جو طبي معائنو ڪندي جنهن کان پوءِ ٻنهي کي سڀاڻي لاهور عدالت ۾ ريمانڊ لاءِ پيش ڪيو ويندو. نيب پڌرائي موجب پرڏيهي شيئر هولڊرز طرفان مريم نواخ کي شيئرز جي منتقلي جي تفصيلن تي وضاحت گھري وئي هئي، سڀني شيئرز جي منتقلي 21 مئي 2018 تي ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو، شيخ زڪاالدين طرفان 20 لک 21 هزار 760 شيئرز مريم نواز جي نالي تي منتقل ڪيا ويا ۽ هاني احمد ڄام طرفان 97 هزار 33 شيئرز مريم نواز کي منتقل ٿيا. نيب ذريعن موجب نيب مريم نواز کان ان سوال جي وضاحت گھري هئي ته مريم نواز 70 لک شيئرز يوسف عباس کي منتقل ڪيا، اهي شيئرز 20.7.2011 تي يوسف عباس نصير عبدالله کي ٽرانسفر ڪيا ۽ ان کان پوءِ اهي شيئرز حسين نواز کي منتقل ڪيا ويا، نيب مريم نواز کان انهن شيئرز جون رسيدون، رقم جي ادائگي ۽ ايگريمنٽ جا تفصيل به ساڻ آڻڻ جو چيو هو. نيب ذريعن موجب چوڌري شگر ملز ڪيس ۾ مريم نواز 31 جولاءِ تي سوالنامي جا تسلي جوڳا جواب نه ڏنا هئا جنهن کيس ٻيهر سوالنامو موڪليو ويو هو ۽ هن کي اڄ جواب ڏيڻ لاءِ طلب ڪيو ويو هو پر مريم نواز نيب جي ٽيم آڏو پيش ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.ن ليگ جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت سياسي انتقام جي انڌير نگري مچائي ڇڏي آهي ۽ اهي سڀ ماڻهو جيل ۾ آهن جن ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪئي. پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر ۽ مخالف جي اڳواڻ شهباز شريف اڳوڻي ناڻي واري وزير  مفتاح اسماعيل جي گرفتاري جي مذمت ڪندي چيو آهي ته حڪومت سياسي انتقام جي جي انڌير نگري مچائي ڇڏي آهي. مفتاح اسماعيل هڪ انتهائي قابل، ايماندار ۽ محب وطن شخص آهي. هن چيو ته اهي سمورا ماڻهو جيل ۾ آهن جنهن نيڪ نيتي، ايمانداري ۽ سچي نيت  سان ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪئي. اڻڄاڻ حڪومت هر باصلاحيت شخص کي جيل ۾ وجهي رهي آهي ۽ اسچي آواز کي خاموش ڪرايو پيو وڃي. سندس چوڻ هو ته مفتاح اسماعيل ملڪي معيشت جي بهتري لاءِ ملڪ ۽ قوم جي بهترين مفاد ۾ خدمتون ڏنيون. شاهد خاقان عباسي ملڪ مان گئس جو بحران ختم ڪيو ۽ خواجا سعد رفيق ريلوي کي ٺيڪ ڪيو. هوڏانهن پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جي نيب هٿان گرفتاري جي مذمت ڪندي احتجاج طور اسيمبلي اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪري ڇڏيو. پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر بلاول ڀٽو زرداري اجلاس دوران خطاب ڪندي چيو ته اسان ٽي وي تي ڏٺو ته مخالف ڌر جي هڪ عورت ميمبر کي هن حڪومت گرفتار ڪيو آهي. جذباتي انداز ۾ تقرير ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته منهنجو خاندان نسلن کان سياست ڪري رهيو آهي، اسان گهڻو ڪجهه ڏٺو آهي پر جيڪو ضيا جي دور ۾ ٿيو اُهو ئي عمران خان جي دور ۾ به ٿي رهيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته تاريخ ياد رکندي ته عمران خان جيڪو انصاف جي ڳالهه ڪندو هو ان نئين پاڪستان ۾ ڪنهن الزام کان سواءِ مريم نواز کي گرفتار ڪيو هو. پ پ چيئرمين مريم نواز جي گرفتاري تي سخت ناراضگي جو اظهار ڪندي قومي اسيمبلي جي اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪري ڇڏيو. اجلاس ملتوي ٿيڻ کان پوءِ حڪومتي ميمبر قومي اسيمبلي جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائڻ جي لاءِ گڏ ٿيا ته ان موقعي تي ليگي اسيمبلي ميمبر به اُتي پهچي ويا جتي ڪارڪنن هڪ ٻئي جي خلاف سخت نعريبازي ڪئي. بئي طرف اڳوڻي صدر  آصف زرداري مريم نواز جي گرفتاري جي مذمت ڪندي چيو آهي ته اڄ هي اسان جي عورتن کي گرفتار ڪن ٿا، سڀاڻي سندن گهرن جون عورتون به گرفتار ٿينديون. اڳوڻي صدر آصف زرداري مريم نواز جي گرفتاري تي ردعمل ظاهر ڪندي چيو ته هو مريم نواز جي گرفتاري جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو، هي سڀاڻي منهنجي ڀيڻ کي به گرفتار ڪرڻ گهرن ٿا، بات نڪليگي تو دور تلڪ جائيگي. آصف زرداري چيو ته هُنن جي گهرن ۾ به عورتون آهن، تنهن ڪري مائرن ۽ ڀينرن جي عزت ڪرڻ گهرجي. اڄ هي اسان جي عورتن کي گرفتار ڪن ٿا، سڀاڻي سندن گهرن جون به عورتون گرفتار ٿينديون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *