مردم شماري: وفاق سنڌ حڪومت جون تجويزون مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وفاق مردم شماري جي عمل کي شفاف بڻائڻ جي حوالي سان سنڌ جي تجويزن کي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. چيف شماريات آصف باجوه ٻڌايو ته ناڻي واري وزير اسحاق ڊار سنڌ جي وڏي وزير جي خط جو جواب ڏئي ڇڏيو آهي. شماريات واري چيف آصف باجوه جيو نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار سيد مراد علي شاهه جي خط جو جواب ڏيندي لکيو آهي ته روزاني جي بنياد تي هر ضلعي جي سطح تي ڊيٽا نٿي ٻڌائي سگهجي. خط ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن سنڌ حڪومت پنهنجو ڪو نمائندو موڪلي ته ان کي اسلام آباد ۾ انگ اکر جي عمل ۾ گواهه جي طور تي شامل ڪري سگهجي ٿو. آصف باجوه چيو آهي ته اسان عملي جي ڪنهن ميمبر کي پينسل ناهي ڏني, ڪا به وڏي عمارت ڳڻپ نمبر کان ناهي رهجي وئي، جيڪڏهن ڪا رهجي وئي آهي ته نشاندهي ڪئي وڃي، نمبر لڳايو ويندو، هن چيو ته اسان جي عملي سائي رنگ جي جيڪٽ پهري رکي آهي، گهر شماري عملي جي زبردستي گهر ۾ داخل ٿيڻ جي به شڪايت آئي هئي، اسان وٽ 10 سيڪڙو تربيت يافته عملو موجود آهي، موڪلي رهيا آهيون، عملي سان گڏ هڪ فوجي جوان آهي، عملي کي ڪارڊ به پاتل آهي، ان نشاندهي کان علاوه ڪو به فرد آدمشماري وارو ناهي، هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن شهري کي شڪ آهي ته آدمشماري عملي کان سڃاڻپ معلوم ڪري، عدالتي حڪم تي 3 ڪالم جو اضافو ڪيو آهي، سمورن علائقن ۾ آدمشماري ڪرڻي آهي، ڪو به علائقو نه ڇڏيو ويندو، چيف ڪمشنر سينسس چيو ته آدمشماري جي عمل کي اڳتي وڌائڻ جي ڪا تجويز غور هيٺ ناهي، جيڪڏهن ڪنهن جڳهه تي هدف پورو نه ٿي سگهيو ته اضافي عملو مقرر ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *