مردم شماري جي لاءِ سڃاڻپ ڪارڊ لازمي ناهي، روزگار جا موقعا وڌائڻ لاءِ آمريڪا سان اقتصادي سهڪار وڌائڻ چاهيون ٿا: اسحاق ڊار

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته يورپ، ايشيا جون مشهور ڪمپنيون پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪري رهيون آهن، پاڪستان ۾ ڪاروبار ۾ آساني جي لحاظ سان 4 درجا بهتري آئي آهي، هن چيو ته آمريڪي حڪومت پاڪستان ۾ سرمائيداري لاءِ آمريڪي سرمائيدارن جي حوصلا افزائي ڪري، ايندڙ بجيٽ جنهن ۾ اقتصادي ترقي وڌائڻ تي خاص توجهه آهي، گڏيل لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ آمريڪا پاڪستان گڏجي ڪم ڪندا، ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته روزگار جا موقعا وڌائڻ لاءِ آمريڪا سان اقتصادي سهڪار وڌائڻ چاهيون ٿا. ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته جن ماڻهن وٽ ڪمپيوٽرائز سڃاڻپ ڪارڊ ناهن اهي به مردم شماري ۾ شامل ٿي سگهن ٿا، جيڪڏهن ڪنهن خاندان وٽ سڃاڻپ ڪارڊ ناهن ته اهي ڪنهن ٻئي جو به سڃاڻپ ڪارڊ ظاهر ڪري سگهن ٿا. پنهنجي بيان ۾ اسحاق ڊار چيو ته مردم شماري ۾ پاڪ جون خدمتون تعريف جوڳيون آهن ۽ پاڪ فوج جي شموليت سان مردم شماري ۾ شفافيت کي يقيني بڻائڻ ۾ مدد ملندي. هن وڌيڪ چيو ته مردم شماري سئو سيڪڙو شفاف بڻائي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *