مردان ۾ اداڪاره لبنيٰ گلالئي جو تشدد ٿيل لاش هٿ

مردان(م.ڊ) مرادن ۾ مقامي اداڪاره لبنيٰ گلالئي جو تشدد ٿيل لاش هٿ آيو آهي. رپورٽن مطابق مردان جي ٿاڻي چوره جي حد ۾ مقامي اداڪاره لبنيٰ گلالئي جو تشدد ٿيل لاش هٿ آيو آهي، قتل جو ڪيس مقتولا جي امڙ جي فرياد تي ٽن جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو آهي. مقتول اداڪاره جي امڙ جو چوڻ آهي ته ڌيءُ مڙس کان ناراض ٿي گهر آئي هئي، نواب، فضل مالڪ ۽ شاهه حسين ڌيءَ کي ٻيهر گهر  وٺي وڃڻ لاءِ آيا، ٽئي جوابدار ناٺي جا دوست آهن. مقتولا جي امڙ مطابق ڌيءَ جي واپسي جي ڪجهه دير کانپوءِ رابطي جي ڪوشش ڪئي پر سندس نمبر بند مليو،واقعي کانپوءِ ناٺي به روپوش آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *