مراعت يافته طبقي ۽ عام شهري تي هڪ جهڙو قانون لاڳو ٿيڻ گهرجي: وزير اعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مراعت يافته طبقي ۽ عام شهري تي هڪ جهڙو قانون لاڳو ٿيڻ گهرجي. وزيراعظم عمران خان سان انصاف لائيرز فورم جي وفد ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري جنرل پاڪستان تحريڪ انصاف عامر محمود ڪياني، آءِ ايل ايف چيئرمين سينيٽر علي ظفر، نويد سهيل ملڪ، فياض احمد، قيصر عباس شاهه، عمير نيازي، انيس هاشمي ۽ ٻيا شامل هئا. ملاقات دوران آءِ ايل ايف جي مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون، وزيراعظم چيو ته حڪومت قانون جي بالادستي تي يقين رکي ٿي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته مراعت يافته طبقي ۽ عام شهري تي هڪ جهڙو قانون لاڳو ٿيڻ گهرجي

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *