مراد سعيد ڏندن چڪن کان پوءِ جاويد لطيف کي مُڪ وهائي ڪڍي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي ميمبر مراد سعيد ڏندن چڪن کان پوءِ مسلم ليگ نواز جي ايم اين اي جاويد لطيفکي مُڪ وهائي ڪڍي، ٻنهي ميمبرن ۾ عمران خان تي ٿيندڙ تنقيد بابت اسيمبليءَ جي راهداريءَ ۾ بحث جاري هو ته ان دوران مراد سعيد ڪاوڙ ۾ اچي ويو ۽ جاويد لطيف کي مُڪ وهائي ڪڍي، ان اوچتي صورتحال تي ٻين اسيمبلي ميمبر حيران رهجي ويا ۽ ٻنهي ميمبرن جي وچ ۾ پئي بچاءُ ڪرايو، ان کان اڳ جاويد لطيف قومي اسيمبلي ۾ بيان ڏنو هو ته تحريڪ انصاف پنهنجي ليڊر عمران خان کي عقل سيکاري، ان تي اسيمبلي اجلاس دوران به ٻنهي ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي هئي ۽ ان دوران اوچتو مراد سعيد جاويد لطيف کي مُڪ وهائي ڪڍي، ان بابت ڳالهائيندي تحريڪ انصاف جي ترجمان فواد چوڌريءَ چيو ته واقعو تمام افسوس جوڳو آهي اهڙا واقعا اسيمبليءَ جي احاطي ۾ نه ٿيڻ گھرجن.36

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *