مذهب ۽ ذات جي بنياد تي ورهاست نه صرف خوفناڪ پر قبولڻ جوڳي به نه آهي: سونم ڪپور

نئين دهلي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره سونم ڪپور چيو آهي ته مذهب ۽ ذات جي بنياد تي ورهاست نه صرف خوفناڪ پر قبولڻ جوڳي به نه آهي، سلمان

خان سان پريم رتن ڌن پايو جي اشتهاري مهم دوران هڪ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته جيڪا ڳالهه به بنا ڪنهن ثبوت جي چئي وئي هجي اها قبولڻ جوڳي نه هوندي. سونم ڪپور سلمان خان جي ڀارت ۾ عدم برداشت جي حوالي سان بيان تي تنقيدي سوالن جو جواب ڏيڻ لاءِ پاڻ اڳيان وڌي مائيڪ ورتو ۽ سندس خيال ۾ هوءَ خالن خان ئي تنقيد جو بهتر جواب ڏئي سگهي ٿي. هن چيو ته اڄڪلهه مذهب، ذات ۽ فرقن جي نالي تي ڳالهيون ڪيون پيون وڃن جيڪي نفرت واريون آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *