مذهب جي نالي تي دهشتگردي اسلام خلاف آهي: ضابطئه اخلاق جاري

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان علماءِ ڪائونسل جي سپريم ڪائونسل محرم الحرام دوران ضابطئه اخلاق جاري ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته مذهب جي نالي تي دهشتگردي، رتوڇاڻ اسلام جي خلاف آهي ڪوئي مقرر خطيب ذاڪر يا واعظ پنهنجي تقرير ۾ نبي سڳورن، البيت پاڪ، اصحابه رسول، خلفاءَ راشدين ۽ امام مهدي جي نه توهين ڪندو نه تنقيص ڪندو اذان ۽ عربي جي خطبي کان علائقو لائونڊ اسپيڪر تي مڪمل پابندي هوندي سمورن مذهبن ۽ مڪتبه فڪر جا ماڻهو پنهنجن اجتماعن لاءِ مقامي انتظاميه کان اجازت وٺندا شر ڦهلائيندڙ ۽ دل آزاري ڪندڙ خطابن پمفليٽن تحريرن جي اشاعت تقسيم ۽ ترسيل نه ڪئي وڃي اربع تي پاڪستان علماءَ ڪائونسل جي سپريم ڪائونسل جو چيئرمين حافظ محمد طاهر محمود اشرفي جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو علماءِ ۽ مشائخ ڪنوينشن کي حافظ محمد طاهر محمود اشرفي صاحبزاده زاهد محمود قاضمي مولانا شريف هزاروي، مولانا سيد چراغ الدين شاهه مولانا صاحبزاده سيد سعيد شاهه گجراتي حافظ حسين احمد مولانا محمد قاسم توحيدي، مولانا محمد امجد محمود علامه يونس ڪشميري، مولانا نصير احمد مروت، مولانا محمد خان لغاري ۽ ٻين خطاب ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *