مدرسن ۾ ديني تعليم سميت سائنسي ۽ ٽيڪنيڪل تعليم به ڏني وڃي:عمران خان

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ۾ عالمن مدرسن جي سڌارن ۾ هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائي آهي ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان سان چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي چيئرمين مفتي منيب الرحمان ۽ مولانا طاهر اشرفي سميت ٻين عالمن سڳورن ملاقات ڪئي ملاقات ۾ پير نورالحق قادري، شفقت محمود ۽ فردوس عاشق اعواڻ سميت وزيراعطم عمران ان جو خاص مددگار نعيم الحق به موجود هو ذريعن موجب ملاقات ۾ ڪشمير بابت اهم معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويئي ملاقات ۾ مدرسن جي سڌارن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي ويئي ذريعن ٻڌايو ته وزيراعظم جو چوڻ هو ته مدرسن ۾ ديني تعليم سميت سائنسي ۽ ٽيڪنيڪل تعليم به ڏني وڃي ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان چيو ته حڪومت مدرسن جي شاگردن کي برابري جي بنياد تي موقعا ڏيڻ چاهي ٿي حڪومت جي خواهش آهي ته مدرسن جا شاگرد به ڊاڪٽر انجينئر ۽ آرمي آفيسر بڻجن ذريعن موجب ان موقعي تي عالمن سڳورن وزيراعظم کي يقين ڏياريو ته مدرسن جي سڌارن جي معاملي تي حڪومت سان وڌ ۾ وڌ تعاون ڪيو ويندو.

 

ٻئي طرف  وزيراعظم عمران خان والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جا ظلم ٻڌائيندي چيو آهي ته مودي سمجهي رهيو آهي ته ڪشميرين کي خاموش ڪري کين غلام بڻائڻ جي ايجنڊا حاصل ڪندو، ٽوئيٽر تي وزيراعظم چيو ته مودي سرڪار 75 ڏينهن کان والاريل ڪشمير تي چڙهائي ڪري ويٺي آهي، هن چيو ته شير تي سوار مودي سمجهي ٿو ته هو 9 لک فوج ذريعي ڪشميرين کي خاموش ڪرائي قبضو ڪرڻ جو ايجنڊا حاصل ڪندو، ڪشمير ۾ ڀارتي فوجين جي موجودگي تي هن چيو ته 9 لک فوجي دهشتگرد سان منهن ڏيڻ لاءِ نه آهن پر 80 لک ڪشميرين کي دهشت ڦهلائڻ لاءِ گهربل آهن، هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين کي دنيا ڏسي رهي آهي،مودي هاڻ دنل آهي ڇو ته هو ڄاڻي ٿو ته جڏهن ڪرفيو ختم ٿي ويندو ته اتي رتو ڇاڻ ٿيندي جيڪو ڪشميرين کي غلام بڻائڻ جو واحد رستو هوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *