مدرسن جي رجسٽريشن بابت پاليسي جلد جاري ڪئي وڃي: سنڌ حڪومت جو وفاق کان مطالبو

ڪرچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي صدارت هيٺ هڪ اهم اجلاس ۾ سي پي ايل سي آفيس گورنر هائوس کان آئي جي آفي منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. وڏي وزير جي صدارت هيٺ امن امان بابت اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ رينجرس ۽ پوليس جي آفيسرن کانسواءِ صوبئي گهرو وزير سهيل انور سيال، نڻي واري وزير مراد علي شاهه، مڪاني ادارن واري وزير شرجيل ميمڻ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. گهرو وزير سهيل انور سيال اجلاس کي صوبي ۾ امن امان بابت بريفنگ  ڏني. ان موقعي تي سي پي ايل سي آفيس گورنر هائوس کان آئي جي آفيس منتقل ڪرڻ، ڪچين آبادين کي بهتر نموني پڪو ڪرڻ ۽ ريسڪيو 1122 جيان سنڌ ۾ به ريسڪيو  سروس شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس دوران وڏي وزير هدايت ڪئي ته ڪراچي ۾ داخل ٿيندڙ ۽ ٻاهر ويندڙ رستن تي ترت اسڪينر لڳايا وڃن. اجلاس ۾ ايندڙ صوبائي بجيٽ ۾ پوليس لاءِ فنڊ رکڻ وارين تجويزن تي پڻ غُر ڪيو ويو، جڏهن ته  اجلاس ۾ وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته مدرسن جي رجسٽريشن بابت پاليسي جلد جاري ڪئي وڃي . وڏي وزير سيد قائم علي شاهه اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ڪراچي ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ پوليس ۽ رينجرس جي ڪارروائي ساراهه جوڳي آهي ، اسان ٻنهي ادارن جي آفيسرن ۽ اهلڪارن جي ڏنل قربانين جو قدر ڪيون ٿا. هن ويڪ چيو ته ڪراچي ۾ هلندڙ ٽارگيٽيڊ آپريشن خلاف واويلا روڪڻ لاءِ آئي ايس پي آر کان به مدد وٺندي پوليس کي جديد هٿيار ڏنا ويندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *