مدئجي ۾ ٽيپ ٽينس ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو فائنل، لائينز ڪرڪيٽ ڪلب کٽي ورتو

مدئجي(اسپورٽس نيوز) مدئجي جي شيهد علي حيدرشاهه ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ مرحوم امان الله ميراڻي ڪرڪيٽ ڪلب جي ميزباني هيٺ ڪوٺايل ٽئين مرحوم امان الله ميراڻي ٽيپ ٽينس ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو فائنل ميچ مدئجي لائنز ڪلب ۽ ڀٽائي بي ڪرڪيٽ ڪلب وچ ۾ ٿي گذريو، جنهن ۾ پهريان بيٽنگ ڪندي ڀٽائي بي ڪرڪيٽ ڪلب مقرر ۸ اوورن ۾ ٦۳ رنسون ٺاهيون، جنهن جي جواب ۾ مدئجي لائينز ڪرڪيٽ ڪلب جي رانديگرن بهترين راند جو مظاهرو ڪندي پنجين اوور ۾ چئن وڪيٽن جي نقصان تي گهربل رنسون پوريون ڪري مئچ کٽي ورتو، فائنل مقابلو مدئجي لائينز پاران کٽڻ جي خوشي ۾ رقص ڪيو ويو. جڏهن ته فائنل مقابلي کانپوءِ تقريب جي مهمان خاص آل سنڌ لوڪل گورنمنيٽ ايمپلائيز شاهه لطيف پئنل جي جنرل سيڪريٽري عبدالهادي مرکياڻي، سيد عرفان حيدر شاهه، محمد عيسيٰ عيساڻي ۽ ٻين پاران کٽيندڙ توڙي هارايل ٽيم جي رانديگرن ۾ ونر ٽرافي ۽ رنر ٽرافيون ورهايون ويون. فائنل ميچ ۾ بهترين ڪارڪردگي تي نعيم ميراڻي کي مين آف دي ميچ جو ايوارڊ ڏنو ويو، جڏهن ته ٽورنامينٽ جي بهترين رانديگر جو ايوارڊ منير بروهي ۽ ٽورنامينٽ جي بهترين بالر جو رميز کي ايوارڊ ڏنو ويو. ڄاڻايل ڪرڪيٽ ٽونامينٽ ۾ لاڙڪاڻو ڊويزن جي ۲۴ ٽيمن حصو ورتو. جڏهن ته فائنل ڏسڻ لاءِ اسٽيڊيم ۾ ڪرڪيٽ شائقين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ٽورنامينٽ جي آرگنائيزرن پاران فائنل تقريب ۾ آيل مهمانن ۾ سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ جا تحفا پڻ ورهايا ويا. ۰۰۱

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *