مدئجي لڳ ڪاڪيپوٽا-بروهي تڪرار ٻڙڪي پيو، ايس ايڇ او ڳاهيجا جي خانگي گارڊ سميت 2 ڄڻا مارجي ويا

مدئجي(رپورٽ) مدئجي ويجهو ڳاهيجا ٿاڻي جي حد ۾ بروهي ڪاڪيپوٽا بروهي تڪرار تان ايس ايڇ او واهيجا جي نجي محافظ سميت2 ڄڻا قتل، ڳڙهي ياسين جي بروهي ۽ ڪاڪيپوٽا تڪرار ٻيهر ڀڙڪي اٿيو، ڳاهيجا ٿاڻي جي حد اسحاق ديرو لنڪ روڊ ڳاهيجا سم شاخ شرن جي وانڊ وٽ ڪاڪيپوٽا برادري جي هٿياربندن موٽرسائيڪل تي ويندڙ بروهي برادري جي ٻن ڄڻن امام علي بروهي ۽ غلام قادر بروهي مٿان هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا جنهن سبب ڳوليون لڳڻ ڪري ٻئي ڄڻا موقعي تي قتل ٿي ويا جنهن بعد ڳاهيجا پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ٻنهي ڄڻن جا لاش تحويل ۾ وٺي مدئجي اسپتال پهچايو ان موقعي تي ايس ايس پي شڪارپور رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته واقعيو ڪاڪيپوٽا-بروهي تڪرار تان پيش ايو آهي جنهن ۾ 2 ڄڻا قتل ٿيا آهن، شڪارپور ضلعي اندر ناڪابندي ڪئي آهي جلد ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو، هوڏانهن قتل ٿيل امام علي بروهي جا وارث لاش وصول ڪرڻ لاء مدئجي اسپتال پهچي ويا ان موقعي تي مقتول جي سئوٽ احمد بروهي ٻڌايو ته منهنجو سئوٽ ايس ايڇ او ڳاهيجا ذوالفقار پٽاڻ جو پرائيويٽ گن مين هو جيڪو ڳوٺ منڱر واھ کان ڳاهيجا طرف اچي رهيا هئا ته ڪاڪيپوٽابرادري جي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿيا آهن- هن وڌيڪ ٻڌايو ته پوليس پاڻ قبيلائي تڪرارن کي هٿي ڏئي رهي آهي- ايس ايس پي شڪارپور چاهي ته هڪ ڏينهن اندر تڪرار ختم ٿي سگهي ٿو- هن وڌيڪ ٻڌايو ته سردار ڀوتار نه چاهيندا ته ڌريون کير کنڊ ٿين ان ڪري جو جهڙا هلندا ته ڌريون روز انهن وٽ حاضريون ڀريندا- هن اخر ۾ وڌيڪ چيو ته پوليس مان ڪا به اميد ناهي هو صرف ٻڌڇوڙ ڪري پئسا وٺي جهيڙن کي هٿي ڏيندا آهن- هوڏانهن ٻنهي ڄڻن جا لاش مدئجي اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد وارث پرائيويٽ ڏاٽسن ذريعي اباڻي ڳوٺ کڻي ويا هوڏانهن ٻنهي ڄڻن جي قتل کان پوء گهرن ۾ قهرام مچي ويو ۽ ٻئي ڌريون مورچابند ٿي ويا آهن- خبر فائيل ٿيڻ تائين ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگهيو-

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *